شاهد آفريدي نيوزيلينڊ خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ خراب ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو اعتراف ڪري ورتو

ويلنگٽن (اسپورٽس نيوز) قومي ٽي ٽونٽي ٽيم جي ڪپتان شاهد آفريدي نيوزيلينڊ خلاف ٽن ميچن جي سيريز ۾ خراب ڪارڪردگي ڏيکارڻ جو اعتراف ڪري ورتو،اڄ آخري ميچ کان پوءِ ڳالهائيندي شاهد آفريدي جوچوڻ هو ته ٽيم کي ملندڙ ٽارگيٽ ڪافي وڏو هو، جنهن جو رانديگرن دٻاءُ ورتو، جيڪڏهن پهرين 6 اوورن ۾ 5 رانديگرآئوٽ ٿي ويندا ته پوءِ ڪاميابي جي ڪهڙي اميد ڪري سگهجي ٿي،هن چيو ته ٽي ٽونٽي ورلڊ ڪپ هاڻي ويجهو اچي ويو آهي، اسان کي پوري تياري سان ايونٽ لاءِ وڃڻو پوندو، شاهد شفريدي چيو ته اسان جي بالنگ ته ٺيڪ وڃي رهي آهي پر بيٽنگ ۾ اسان کي مسئلن سان منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *