شادي جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ئي فاطمه جا ڪوڙ سامهون اچڻ لڳا هئا: محسن عباس

 

لاهور: (شوبز نيوز) اداڪار ۽ ميزبان محسن عباس حيدر زال فاطمه سهيل جي الزامن کان پوءِ پريس ڪانفرنس ۾ چيو آهي ته شادي جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ئي ان جا ڪوڙ سامهون اچڻ لڳا هئا ۽ اهڙا ڪوڙ به سامهون آيا جو هو مون کي هڪڙي جڳهه جو ٻڌائي ٻئي هنڌ هلي ويندي هئي.اداڪار ۽ ميزبان محسن عباس جي زال فاطمه سهيل مڙس تي تشدد ۽ بيوفائي جو الزام هڻندي زخمي ٿيڻ واري تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪئي هئي. ان حوالي سان لاهور  پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اداڪار محسن عباس چيو ته آئون اهڙي گهراڻي سان تعلق رکان ٿو جتي عورتن جي عزت ڪئي ويندي آهي. هن زال پاران لڳايل الزامن بابت چيو ته شادي جي ڪجهه مهينن  کان پوءِ اسان ٻنهي کي احساس ٿي ويو ته هي شادي نه ٿيڻ گهرجي ها. شادي جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ئي منهنجي زال جا ڪوڙ سامهون اچڻ لڳا. جنهن ۾ ڪجهه ڪوڙ اهڙا به هئا ته هو مون کي هڪڙي جڳهه جو ٻڌائي ٻئي هنڌ هلي ويندي هئي.محسن عباس دعويٰ ڪئي ته فاطمه سهيل جو پيءُ به ان جو گواهه آهي ۽ هن پنهنجي ڌيءَ جو ڪوڙ پڪڙجڻ تي چيو ته پٽ هڪ گناهه ته خدا به معاف ڪري ڇڏيندو آهي. هن چيو ته فاطمه کي غلط بياني ڪرڻ ۽ ڪوڙ ڳالهائڻ جي عادت هئي.  مون ڪڏهن به پنهنجي ذاتي زندگي کي ميڊيا جي سامهون ناهي آندو. هن جي طرفان هر روز اهڙيون حرڪتون ٿينديون رهنديون هيون. محسن عباس چيو ته 4 سالن جي شادي ۾ اسان زال مڙس هڪ سال ئي گڏ رهياسين ۽ هاڻ اسان  ٻنهي جا رستا 6 مهينن کان جدا ٿي ويا آهن. پئسا گهرڻ واري سوال تي محسن عباس چيو ته فاطمه الزام هنيو آهي ته مون  کيس پيءُ کان هڪ ڪروڙ  روپيه کڻي اچڻ جي ڌمڪي ڏني؟ هن چيو ته مون اڄ تائين ڪاروبار ئي ناهي ڪيو ته ڪاروبار جي لاءِ ڪيئن پئسا گهرندس. جيڪڏهن هن مون کي 50 لک روپيه ڏنا هئا ته ان جو به ته ڪو ثبوت هوندو.اداڪار موجب فاطمه مون تي الزام لڳايو آهي ته آئون پنهنجي پٽ جي ذميوارين کان  ڀڄي رهيو آهيان. ائين ناهي ڇو ته پٽ جي ڄمڻ کان پوءِ اسپتال جا سمورا خرچ مون ڀريا جنهن جا بل به مون وٽ موجود آهن. آئون الڳ ٿيڻ کان پوءِ فاطمه ۽ ٻار جو هر مهيني خرچ ڏيندو آهيان. محسن عباس چيو ته فاطمه جيڪي تصويرون شيئر ڪيون آهن اهي 2018 جون آهن ۽ اهي تصويرون ڏاڪڻ تان ترڪي ڪرڻ کان پوءِ جون آهن. جتي هن درخواست ڏني آهي اهو ٿاڻو کيس گهرائي رهيو آهي پر هو اتي پيش نه پئي ٿئي. آئون ٿاڻي تان ٿي آيو آهيان ۽ پنهنجو بيان رڪارڊ ڪرائي ڇڏيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *