شادي بابت تڪڙ جي ضرورت ناهي: ساره

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا سارا علي خان چيو آهي ته اسان سڀ پنهنجو ڪم ڪرڻ لاءِ آيا آهيون ۽ مستقبل جي حوالي /ڏسو صفحو 6 بقايا نمبر 21

سان ڪو به پنهنجو فيصلو نٿو ڪري سگهي. بالي ووڊ جي ننڍي نواب سيف علي خان جي لاڏلي اداڪارا سارا علي خان ليجنڊري اداڪارا سري ديوي جي ڌيءُ جهانوي ڪپور سان گڏ مقابلي ۽ هلندڙ سال بهترين اڀرندڙ اداڪارا جو ايوارڊ کٽڻ جي حوالي سان چيو ته اسان سڀ پنهنجو ڪم ڪري رهيا آهيون ۽ ڪو به اهو فيصلو نٿو ڪري سگهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿيندو. واضح رهي ته سارا علي خان فلم ”سمبا“ ۽ ڪيدر ناٿ“ جي تيارين ۾ مصروف آهي.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *