سکر ۾ 3 ماڙ عمارت ڊهي پئي، هڪ ابهم ٻار ۽ عورت دٻجي فوت، 2 عورتن ۽ 4 ٻارن کي زخمي حالت ڪڍيو ويو، وڏي وزير نوٽيس ورتو

سکر(م.ڊ) سکر ۾ 3 ماڙ عمارت ڊهي پوڻ ڪري هڪ ابهم ٻار ۽ هڪ عورت دٻجي فوت ٿي ويا، 2 عورتن ۽ چئن ٻارن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، ڦاٿل ماڻهن کي ٻاهر ڪڍڻ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري، حسيني روڊ تي قائم عمارت اوچتو ڊهي پئي، علائقي واسين فوري طور ڪارروائي ڪندي ٻن ٻارن کي زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو، جن مان هڪ سال جو ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته وڌيڪ ٽن ٻارن ۽ ٽن عورتن کي به زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان وري هڪ عورت مينا زال ارسلان مغل دم ڏئي ڇڏيو، ٻڌايو پيو وڃي ته عمارت ۾ 3 خاندان رهندڙ هئا، عمارت ڊهڻ سبب عورتن ۽ ٻارن سميت ڪجهه ماڻهو دٻيل آهن، جن کي ٻاهر ڪڍ لاءِ امدادي ڪارروايون جاري آهن. عمارت ڊهڻ سبب 11 هزار ووليٽج واريون تارون به ٽٽي پيون، جنهن سبب بجلي بند ٿي وئي ۽ اوندهه سبب امدادي ڪاررواين ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پوليس ۽ رينجرز جي نفري به موجود آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه عمارت ڪِرڻ جو نوٽيس ورتو، ڪشمنر سکر سان فون تي رابطو ڪري دٻيل ماڻهن کي فوري ٻاهر ڪڍڻ جون هدايتون ڏنيون، وڏي وزير چيو ته ڪوشش ته ڪو جاني نقصان نه ٿئي، وڏي وزير ڪشمنر کي هدايت ڪئي ته عمارت ڊهڻ جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ ڪري رپورٽ ڏني وڃي.وڏي وزير چيو ته متاثر ماڻهن جي هر طرح جي مدد ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *