سکر ۾ وحشي جوابدارن معصوم نينگر کي قتل ڪري درياهه ۾ اڇلائي ڇڏيو، ٽن ڏينهن کانپوءِ لاش هٿ

سکر (بيورو)  سکر ۾ وحشي بگهڙ جون صفتون رکندڙ پاپين معصوم ٻالڪ کي قتل ڪري لاش سان پٿر ٻڌي درياءَ ۾ اڇلائي ڇڏيو، ٽن ڏينهن بعد درياءَ ۾ پاڻي گهٽجي وڃڻ سان لاش ظاهر ٿي پيو، پٽ جي ڳولا ۾ نڪتل امڙ اهڙي ڪلور  جي خبر پوڻ شرط بيهوش ٿي وئي، ٻارڙي جو مڙهه پهچڻ شرط علائقي ۾ سوڳ ڦهلجي ويو، خوف سبب مائرن ٻارڙن کي سڏي گهرن اندر بند ڪري ڇڏيو، رپورٽ موجب سي سيڪشن ٿاڻي جي حد رائل روڊ وٽان 3 ڏينهن اڳ ٽئين ڪلاس جو شاگرد 7 ورهين جو گلڙن جهڙو ٻالڪ زبير احمد مهر راند کيڏڻ لاءِ گهران نڪتو ته واپس نه وريو، جنهن تي نينگر جي والد عبدالعزيز مهر سي سيڪشن ٿاڻي تي ٻالڪ جي گمشدگي جو اطلاع ڏنو پر ڪالهه سنڌو درياءَ ۾ پاڻي گهٽجڻ تي جند پير وٽان ٻالڪ جو لاش نظر آيو، اطلاع تي ٻالڪ جا وارث پهچي ويا، جن سندس سڃاڻپ ڪئي، جنهن بعد پوليس پڻ موقعي تي پهچي وئي ۽ امدادي ڪارڪنن لاش ڪڍي ورتو، امدادي ڪارڪنن موجب ٻالڪ جي ڳچيءَ ۾ کٽ جي واڻ واري رسي سان ڳرو پٿر ٻڌل هو، معصوم ٻالڪ جو لاش هٿ اچڻ جي اطلاع تي سندس امڙ بيهوش ٿي وئي، پوليس ٻالڪ جو مڙهه اسپتال کڻائي آئي، جتي پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر موجب ٻارڙي کي تشدد ڪري قتل ڪرڻ بعد لاش کي ٻوڙيو ويو، مقتول ٻارڙي جو لاش پهچڻ تي پراڻي سکر ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو ۽ علائقي واسي ڪاروبار بند ڪري فوتي ٻالڪ جي تڏي تي پهچي ويا، ٻارڙي جو مڙهه پهچڻ شرط گهر ڀاتي دانهون ڪري بيهوش ٿي ويا، فوتي جي امڙ رات دير تائين هوش ۾ اچڻ بعد وري بيهوش ٿيندي رهي جڏهن ته علائقي ۾ ڏهڪاءُ پڻ پکڙجي ويو ۽ مائرن پنهنجي ٻارڙن کي گهرن اندر محدود ڪري ڇڏيو،  گلن جهڙي ٻارڙي جي قتل بابت مقتول جي چاچي ۽ شاعر جبار مهر جو چوڻ  آهي ته هنن جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، ٻارڙو 3 ڏينهن اڳ گهران کيڏڻ لاءِ نڪتو ته واپس نه ٿيو، جنهن بعد هنن ٻالڪ جي گهڻي ڳولا ڪئي ۽ پوليس کي پڻ اطلاع ڏنو پر پوليس روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي ٻارڙي جي ڳولا لاءِ ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو، جنهن بعد ٻالڪ جو لاش هٿ آيو آهي، حد جي ٿاڻي سي سيڪشن جي ايس ايڇ او شوڪت آرائين جو چوڻ آهي ته هنن واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، مقتول ٻارڙي جي وارثن جي اچڻ تي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري ٿي سگهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *