سکر ۾ ايڪتا جا رنگ وکري پيا، جوڳي جاڳو اتحاد پاران مرلين ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل، جهمريون

سکر(بيورو رپورٽ) سکر ۾ ايڪتا جا رنگ وکري پيا، جوڳي جاڳو اتحاد پاران مرلين ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل، جهمريون، جنم جنم تائين سنڌ سان ساٿ نڀائڻ جو وچن، 7  ڊسمبر ايڪتا واري اعلان کانپوءِ سنڌ جي ٻين شهرن جيان سکر ۾ به ايڪتا جون سرگرميون زور وٺي رهيون آهن، ان ڏس ۾  جوڳي جاڳو اتحاد  پاران سکر لڳ ڳوٺ تماچاڻيءَ ۾ مرلين ۽ صوفياڻي راڳ جي محفل رچائي وئي، جنهن ۾ ناليواري صوفي راڳين محمد علي فقير، قربان جوڳي،محمد يوسف ۽ ٻين سنڌ ڌرتيءَ ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائي محفل مٿان وجد تاري ڪري ڇڏي، جڏهن ته مرليءَ جي ناليواري فنڪارن ممتاز فقير ۽ منٺار فقير جي سنگ مرليءَ جي سرن تي جيئي سنڌ جا راڳ آلاپيا، جڏهن ته سگهڙن ۽ شاعرن غلام شبير، محبوب فقير، عبدالمجيد ۽ ٻين پنهنجون نڪور ڪويتائون پيش ڪيون، ان موقعي تي اجرڪ اوڍيل، ٽوپي ۽ گيڙو ويس پاتل جوڳين جيئي سنڌ جا زوردار نعرا هنيا، ان موقعي تي اڳواڻن چيئرمين ساحل جوڳي، مجن جوڳي، محمد جمن ۽ ٻين چيو ته هر سال جيان اسان ايڪتا ڏهاڙي جو عيد کان وڌيڪ انتظار ڪندا آهيون ۽ اسان لاءِ اهو ڏڻ مقدس آهي، جوڳين کي هر حڪومت پاران تعليم، نوڪرين، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ نظرانداز ڪيو ويو آهي، ان باوجود سنڌ جا اسان وارث آهيون ۽ سنڌ کي وڙهائڻ جي ڳالهه ڪندڙن کي اسان ٻه اڌ ڪري ڇڏينداسين، هنن چيو ته پنهنجي جنم ڀوميءَ سان جنم جنم تائين ساٿ نڀائينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *