سکر کانسواءِ سڀئي زونز ناڪام، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن وڪري جو ٽارگيٽ حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي ويو

ڪراچي(م.ڊ) يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جنوري ۾ وڪري جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي، جيڪو وڪري  جي هدف کان ھڪ ارب 38 ڪروڙ رپيا گهٽ رھيو، دستاويزن موجب يوٽيلٽي اسٽورز پاران جنوري 2022ع لاءِ وڪري جو هدف 8 ارب رپين جي هدف جي مقابلي ۾ 6 ارب 62 ڪروڙ 30 لک رپيا رھيو، جنوري ۾ سکر کانسواءِ سڀئي زونز وڪري جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا، ڪراچي زون ۾ سڀ کان گهٽ 41 ڪروڙ 79 لک روپيا رھيو، جڏهن ته اسلام آباد ۾ وڪري  ھو حدف سڀني کان وڌيڪ ھڪ ارب 20 ڪروڙ 59 لک رپيا رھيو، دستاويزن موجب جنوري ۾ سکر زون جو وڪرو 45 ڪروڙ 34 لک رپيا  ملين رپيا رهيو جڏهن ته گذريل مهيني پشاور زون جو وڪرو 78 ڪروڙ 19 لک رپيا رهيو، جنوري ۾ لاهور زون 89 ڪروڙ جو وڪرو ھيو جڏهن ته ملتان زون ۾ وڪرو 82 ڪروڙ 10 لک رپيا رڪارڊ ڪئي وئي ۽  ايبٽ آباد زون ۾ وڪرو 70 ڪروڙ 24 لک رپيا وڪرو رھيو

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *