سکر ويجهو ڪڪڙن جي ميل تي رينجرز جي چڙهائي، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، 2 زخمي

سکر(رپورٽر)ڪنڌرا ويجھو روشن آباد ۾ ڪڪڙن جي ميل تي رينجرز جي چڙهائي، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڪنڌرا ويجھو ررشن آباد ۾ درگاھ حسين شاھ شهيد تي رينجرز چڙهائي ڪري گرفتاريون ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته هٿياربندن مزاحمت ڪندي فائرنگ ڪري ڏني. رينجرز ۽ هٿياربندن ۾ اڌ ڪلاڪ تائين فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ جاويد پٽ مهيوال جانوري مارجي ويو. جڏهن ته لال ڏنوپٽ محمد سليمان جانوري ۽ ظفرعلي عرف ظفرو جانوري زخمي ٿي پيا. زخمين کي علاج لاءِ سکر سول اسپتال آندو ويو. اتان لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ٻئي پاسي رينجرز اختيارين جو چوڻ آهي ته، ڳوٺ علي شير جانوري ويجھو ڏوهارين جي مو جودگي جي اطلاع تي رينجرز ڇاپو هنيو ته هٿياربندن سان مقابلو ٿي پيو. جنهن ۾ هڪ ڄڻو مارجي ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. رينجرز موجب مارجي ويل جاويد جانوري ۽ زخمي ٿيلن لال ڏنو ۽ ظفرعلي جانوري تي ڌار ڌار قتل ڪيس سميت 2 ڪيس داخل آهن. زخمي لا ل ڏنو ۽ ظفر علي جانوري موجب، انهن تي ڪيس داخل آهن هو انهن ڪيسن مان ضمانت تي آزاد آهن. رينجرز 5 ڳوٺاڻن کي گرفتار پڻ ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *