سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي سزا ٻڌايل ٻن قيدين جي وارثن سان آخري ملاقات، اڄ ڦاهي چڙهندا، تياريون مڪمل

سکر (بيورو) سکر سينٽرل جيل ۾ ڦاهي جي سزا مليل ٻن قيدين جي وارثن ساڻن آخري ملاقات ڪري ڇڏي، اسر ويل ٻنهي قيدين کي ڦاهي تي لٽڪايو ويندو، سکر سينٽرل جيل  ۾ موت جي سزا آيل ٻن قيدين  مولوي عبدالرزاق چوهاڻ ۽ جلال عرف جليل موريجو کي اڄ اسر ويل ڦاهي ڏيڻ جاانتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جيل انتظاميه موجب  ٻنهي قيدين جي وارثن کي ساڻن آخري ملاقات پڻ ڪرائي وئي آهي. بچل شاھ مياڻي واسي مولوي عبدالرزاق چوهاڻ سان سندس وارث عورتن وزير چوهاڻ جي اڳواڻي ۾ ۽ قيدي جلال عرف جليل مريجو سان سندس گھر واري، ڀائرن حمادالله، عبدالڪريم موريجو ۽ ٻين وارٽن الوداعي ملاقات ڪئي. موت جي سزا آيل قيدي مولوي عبدالرزاق چوهاڻ سکر جي بچل شاهه مياڻي جي مدرسي ۾ پاڪ ڪتاب حفظ ڪندڙ نينگر آفتاب عرف اقرار ميراڻي کي 2001ع ۾ بيدردي سان قتل ڪيو هو، 23 نومبر 2004ع تي  سکر جي ٿرڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس ڦاهي جي سزا ٻڌائي هئي، جڏهن ته جلال عرف جليل موريجو 1997ع ۾ پنهنجي سئوٽ هارون موريجوکي قتل ڪيو هو، 7 اپريل 2000ع ۾ ايڊيشنل سيشن جج نوشهروفيروز جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي کيس موت جي سزا ٻڌائي هئي، جيل انتظاميا موجب ملڪ جي اڳوڻن صدرن آصف علي زرداري ۽ پرويز مشرف طرفان جلال عرف جليل موريجو جي ڦاهي جو عمل روڪيو هو، ٻنهي قيدين جي رحم واريون اپيلون رد ٿيڻ بعد کين صبح ساجھر ڦاهي تي لٽڪايو ويندو. ٻئي طرف مولوي  عبدالرزاق چوهاڻ جي وارثن سکر سينٽرل جيل ٻاهران احتجاج ڪندي قومي شاهراه بلاڪ ڪري ڇڏيو، سندن چوڻ هو ته، هو خون معاف ڪرائڻ لاءِ ميراڻي برادري سان رابطي ۾ آهن ۽ خون بها لاءِ رقم گڏ ڪري رهيا آهن، ان ڪري مولوي جي ڦاهي جي سزا تي عمل کي روڪيو وڃي. روهڙي پوليس پهچي 10 عورتن  سميت 15 ڄڻن کي حراست ۾ وٺڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *