سکر ريجن ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽريشن ۾ ڪائي بيقاعدگي نه ٿي آهي: نثار کهڙو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي سينيئر تعليم واري وزير نثاراحمد کهڙو چيو آحي ته سکر ريجن ۾ پرائيويٽ اسڪولن جي رجسٽريشن ۾ ڪائي بيقاعدگي نه ٿي آهي هو سومر تي سنڌ اسيمبلي ۾ پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل جي ميمبر نصرت سحر عباسي جي تحريڪ التوا تي بيان ڏيئي رهيو هو تحريڪ التوا ۾ چيو ويو ته هڪ اخباري رپورٽ مطابق سکر ۾ 100 کان وڌيڪ اسڪول غير قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ کان سواءِ هلي رهيا آهن نثار کهڙو ان تحريڪ التوا جي مخالفت  ڪئي ۽ چيو ته سکر رينجن ۾ 12 سئو پرائيويٽ اسڪول آهن گذريل ٽن مهينن ۾ وڌيڪ 20 اسڪولن جي رجسٽريشن ٿي آهي رجسٽريشن ۾ ڪائي بيقاعدگي نه ٿي آهي جيڪڏهن اسان کي ڪوئي بيقاعدگي جي نشاندهي ڪري ڏي ته اسان ڪارروائي ڪنداسين هن چيو ته هي تحريڪ التوا ضابطي جي خلاف آهي ڇو ته ان ۾ هڪ نه پر ڪيترائي معاملا اٿاريا ويا آهن ۽ هي تازو واقعو نه آهي ڊپٽي اسپيڪر هي تحريڪ التوا ضابطي جي خلاف قرار ڏيئي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *