سکربئراج جي ري ماڊلنگ ۽ ري پليسنگ ڪئي ويندي: وڏو وزير

سکر (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير سيد قا3333333333333333333333333333333ئم علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي حڪومت پاران عوام جي معاشي مفاد جي تحفظ لاءِ مستقبل ۾ سکر بئراج جي ري ماڊلنگ ۽ ري پليسنگ جي ضرورت محسوس ڪئي ويئي آهي سکر بئراج سنڌ جي عوام جي جيئڻ جو سهارو ۽ ذريعو آهي جنهن جي تحفظ لاءِ نه فقط اڃا پر مستقبل لاءِ به تحفظ لازمي آهي سنڌ ۾ سکر تاريخي حيثيت رکندڙ شهر آهي جتي ڪيترائي تاريخي هنڌ سکر بئراج مير معصوم شاهه جو منارو، لينس ڊائون پل ۽ ميا مذهبي هنڌ آهن جن کي صوبائي ثقافت کاتي پاران تحفظ فراهم ڪيو ويندو اهڙن خيالن جو اظهار هن پ پ جي عهديدارن ۽ ورڪرز سان سرڪٽ هائوس سکر ۾ اجلاس دوران ڪيو. سيد قائم علي شاهه چيو ته هلندڙ سال 15-2014 جي بجيٽ ۾ مختلف شعبن ۾ ڪيتريون ئي ترقياتي اسڪيمون شامل ڪيون ويون آهن ۽ اسان سنڌ جي هر ضلعي ۾ ضلعن جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان مشاورت سان مشروط گهربل علائقائي ترقياتي ڪمن جي تعين ۽ جائزي لاءِ ڊسٽرڪٽ ڊيولپمينٽ ڪميٽيون قائم ڪيون آهن جڏهن ته هن سکر شهر جي ترقي ۽ سونهن لاءِ عوامي نمائندن ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي هڪ ميگا ترقياتي منصوبي لاءِ به دعوت ڏني آهي. ٻئي طرف سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه سکر جي ثقافتي ورثن کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ اسپيشل اسسٽنٽ ڪلچر سيڪريٽري ڪلچر ۽ ڪمشنر سکر ڊويزن جي سربراهي ۾ ٽه رڪني ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي جيڪا سکر ڊويزن ۾ پرڪشش ثقافتي ورثن، هنڌن جو جائزو وٺي ثقافتي ورثن جي ترقي پروجيڪشن ۽ آپريشنل ڪرڻ لاءِ فيز وائيز رٿابندي ترتيب ڏيڻ جي ذميواري ادا ڪندي هن قدم جو فيصلو سيد قائم علي شاهه روينيو کاتي پاران جمعي تي سرڪٽ هائوس سکر ۾ تفريحي ماڳن متعلق بريفنگ کان پوءِ ڪيو سنڌ جي وڏي وزير ان موقعي تي چيو ته سنڌ صوبو ملڪ جو روايتي ۽ ثقافتي صوبو آهي سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا تاريخي ماڳ آهن جيڪي بين الاقوامي سطح تي مشهور آهن پر انهن جي بهتر حفاظت ۽ عدم دلچسپي جي ڪري تفريحي هنڌن جي سارسنبال نه پئي ڪئي وڃي هن چيو ته سکر بئراج لينس ڊائون پل سادوٻيلو ست سهلين جا آستانه ۽ ٻين ڪيترن ئي هنڌن جي ڪري هي تاريخي اهميت وارو آهي. هن جي مناسب سارسنڀال نه پئي ڪئي وڃي. ان موقعي تي ايڪسائيز کاتي جي صوبائي وزير مڪيش ڪمار چاوله سادٻيلو تي ايندڙن لاءِ موٽر بوٽ ڏيڻ  جو اعلان ان جي ان جذبي کي ساراهيو ويو بريفنگ اجلاس ۾ مڪيش ڪمار چاوله سيد ناصر حسين شاهه، سيد اويس شاهه، آءِ جي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي ۽ ڪمشنر سکر ڊويزن محمد عباس بلوچ شرڪت ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *