سڌ سماءِ صلاحڪار جي صدر سان ملاقات، صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) صدر عارف علوي سان فردوس عاشق اعواڻ ملاقات ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي مثبت تشخص جي حوالي سان ميڊيا جي ڪردار تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اڱاري تي صدر عارف علوي سان ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ملاقات ڪئي، وزيراعظم جي مددگار چيو ته صدر ميڊيا جا مسئلا حل ڪرڻ بابت ذميواري ڏني آهي، هن چيو ته صدر سان سماجي مسئلن جي مختلف معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، هن چيو ته صدر پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي بابت هڪ ويزن رکي ٿو، هن چيو ته ملاقات ۾ پٺ تي پيل طبقي جا مسئلا ۽ ڏکيائيون حل ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته ڪنهن به معاشري ۾ چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سوشل ميڊيا جو اهم ڪردار آهي، اختيار هيٺين سطح منتقل ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي، هن چيو ته ميڊيا مالڪن ۽ ورڪز وچ ۾ تعلق تي به ڳالهه ٻولهه ٿي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *