سڌارٿ شڪلا جي موت جو صدمو، شهناز گل جي اسڪرين تي واپسي

ممبئي(شوبز نيوز)ريئلٽي شو بگ باس سيزن 13 کان مشهور ٿيندڙ پنجابي گلوڪارا ۽ اداڪارا شهناز گِل جي پنهنجي ويجهي دوست سڌارت شڪلا جي موت کانپوءِ اسڪرين تي واپسي جا اطلاع مليا آهن.ڀارتي ميڊيا موجب هڪ مهيني کان منظر تان غائب رهندڙ اداڪارا شهناز گل 15 آڪٽوبر تي رليز ٿيندڙ فلم ”حوصلا رک“ جي گاني جي شوٽنگ جي شروعات ڪرڻ وڃي رهي آهي.فلم جي پروڊيوسر دلجيت سنگهه ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي ٻڌايو آهي ته ان سڄي عرصي دوران مان شهناز سان رابطي ۾ هيس، هوءَ آهستي آهستي زندگي ڏانهن واپس اچي رهي آهي، شهناز جي ويزا کي ڏسي غير ملڪي جاءِ جي چونڊ ڪئي ويندي.هن شهناز جي تعريف ڪندي چيو ته هوءَ هڪ پيشيور اداڪارا آهي، مونکي خوشي آهي ته هوءَ گاني جي عڪسبندي جي لاءِ راضي ٿي وئي آهي.واضح رهي ته 2 سيپٽمبر 2021 تي 40 سالن جو اداڪار سڌارٿ شڪلا دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ويو هو جنهن جي موت جو صدفو شهناز گِل کي تمام گهڻو رسيو هو.اهو به ٻڌائيندا هلون ته شهناز گِل جي اسڪرين تي واپسي سان سندس ۽ سڌارت جي مداحن ۾ خوشي واري لهر ڇائنجي وئي آهي ته ڀارت توڙي پاڪستان ۾ ڪيترن ئي مداحن جي اکين ۾ شهناز جي ڏک جا ڳوڙها تري آيا آهن ۽ شهناز جي اهڙي انٽري تي پنهنجي چهري تان مسڪراهٽون ۽ اکين مان لڙڪ نه روڪي سگهيا آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *