سڄي ملڪ ۾ ڳجهي معلومات جي بنياد تي آپريشن جاري آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ ڳجهي معلومات جي بنياد تي آپريشن جاري آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چوڌري نثار علي خان چيو ته دهشتگردن خلاف ڪارروائي لاءِ ساڍا 15 سئو رضا ڪارن جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون. هن چيو ته هو 12 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڦاٿل آهن اهو سوچڻ غلط آهي ته اها جنگ ختم ٿي چڪي آهي. وفاقي وزير چيو ته ڏوهارين کي ڦاهيون ڏيڻ وارو عمل تيز ڪيو ويندو. چوڌري نثار چيو ته ٻن نالن سان ڪم ڪندڙ تنظمين خلاف ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته فوجي عدالتون قومي ايڪشن پلان جو اهم عنصر آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *