سڄي ملڪ ۾ مڪاني ادارن کي ٽن مهينن لاءِ معطل ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اليڪشن ڪميشن سڄي ملڪ ۾ مڪاني ادارن کي ٽن مهينن لاءِ معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. معطلي جي صورت ۾ مڪاني ادارا چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪم نه ڪري سگهندا. سرڪاري ڀرتين تي پابندي کانپوءِ اليڪشن هڪ وڌيڪ قدم کنيو آهي ۽ چونڊن کان اڳ ڌانڌلي جي امڪان کي ختم ڪرڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن مڪاني ادارن کي ڪم کان روڪڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ذريعن موجب مڪاني ادارن جي معطلي بابت اليڪشن ڪميشن تياريون مڪمل ڪري ورتيون آهن، معطلي جو نوٽيفڪيشن ايندڙ مهيني جي پهرين هفتي جاري ٿيڻ جو امڪان آهي. معطلي جي صورت ۾ مڪاني ادارا چونڊ عمل مڪمل ٿيڻ تائين ڪم نه ڪري سگهندا ۽ سمورن ترقياتي منصوبن تي ڪم روڪيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *