سڄي ملڪ ۾ مدرسن جي ڊيٽا نئين سر مرتب ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) حڪومت سڄي ملڪ ۾ مدرسن جي ڊيٽا نئين سر مرتب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. حڪومت سڄي ملڪ ۾ مدرسن جا گڏيل ۽ مڪمل دستاويز جمع ڪرڻ لاءِ سروي شروع ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي 10 ضلعن ۾ 100 کان وڌيڪ غير رجسٽرڊ مدرسن کي پهرين ئي بند ڪيو ويو آهي مدرسن جي ڊيٽا نئين سر مرتب ڪرڻ جي پروگرام ۾ مدرسن جي فنڊن جو رڪارڊ، عالمن ۽ استادن جي ڊيٽا به چيڪ ڪئي ويندي جڏهن ته غير رجسٽرڊ مدرسن کي نوٽس به جاري ڪيا ويندا جيئن هو پنهنجي رجسٽريشن في فوري طور ادا ڪرائن، واچ لسٽ ۾ شامل مدرسن جي اثاثن، پرڏيهي شاگردن جي انگ، فنڊن، خرچن ۽ تعليم هيٺ شاگردن جي جماعتي وابستگي کي به چيڪ ڪيو ويندو، سنڌ ۾ مدرسن جو انگ 9590 جي لڳ ڀڳ آهي جن مان تقريبن 6500 مدرسن جي رجسٽريشن مڪمل ٿي چڪي آهي، باقي مدرسن جي رجسٽريشن جو عمل جاري آهي ۽ مدرسن جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته مدرسن جي رجسٽريشن جي پيچيده طريقيڪار جي ڪري مدرسن جي انتظاميا کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو پوي. مدرسن جي رجسٽريشن جي مختلف مرحلن دوران مدرسن جي اتنظاميا کي گهرو وزارت، پوليس کاتي ۽ ٻين کاتن جا چڪر لڳرايا ويندا آهي ۽ انهن کان رشوت به طلب ڪئي ويندي آهي، ڪجهه وڪيل ۽ بروڪر مدرسن جي رجسٽريشن جي مڪمل فائل تيار ڪرڻ ۽ ضروري ڪاغذن ڏيڻ لاءِ مدرسن جي انتظاميا کان هڪ لک رپين تائين رشوت طلب ڪندا آهن. انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ رجسٽرڊ مدرسن جو انگ 35 هزار جي لڳ ڀڳ آهي جنهن ۾ 40 لک کان وڌيڪ شاگرد ۽ شاگرديون تعليم حاصل ڪري رهيون آهن، وفاق المدارس العربيه تحت مدرسن جو انگ تقريبن 19 هزار جي لڳ ڀڳ آهي جن ۾ تعليم هيٺ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو انگ 25 لک جي لڳ ڀڳ آهي. تنظيم المدارس جي تحت سڄي ملڪ ۾ مدرسن جو انگ تقرين ساڍا 8 هزار آهي، وفاق المدارس السلفيه پاڪستان تحت ديني مدرسن جو انگ 2400 کان وڌيڪ آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *