سڄي ملڪ ۾ عيدالضحيٰ اڄ مذهبي جوش ۽ جذبي ۽ عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڄي ملڪ ۾ عيدالضحيٰ جو ڏينهن اڄ مذهبي جوش، جذبي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو ويندو ننڍن وڏن شهرن ۾عيد جي نماز جا وڏا وڏا اجتماع ٿيندا. جنهن کان پوءِ ماڻهو سنت ابراهيمي جي پيروي ۾ الله جي راهه ۾ جانور قربان ڪندا پوليس سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن عيدالضحي جي موقعي تي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن ڏيڻ لاءِ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن تفصيل موجب سڄي ملڪ ۾ مسجدن، عيدگاهن ۽ کليل هنڌن تي عيد نماز جا وڏا وڏا اجتماع ٿيندا عيد نماز جي ميڙاڪن ۾ مسلم امت جي سلامتي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي، ڪشمير جي آزادي ۽ عالمي وبا ڪرونا وائرس جي خاطري لاءِ خاص دعائون گهريون وينديون حڪومت پاران عوام کي اپيل ڪئي وئي اهي ته ڪرونا وبا سبب ايس او پيز تي عمل ڪيو وڃي عيد جي نماز تي موقعي تي ماسڪ لازمي پائڻ گهرجي ۽ سماجي وٿي جو خاص خيال رکيو وڃي. عيد جي نماز کان پوءِ ابراهيمي سنت جي پيروي ڪندي الله جي راهه ۾ جانور قربان ڪيا ويندا جن جو گوشت پاڙيسرين مٽن مائٽن غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهايو ويندو. پوليس سميت ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن عيدالضحي جي موقعي تي سيڪيورٽي جي فول پروف انتظامن کي آخري شڪل ڏئي ڇڏي اهي پوليس اهلڪار عيد نماز جي ميڙاڪن جي هنڌن تي حفاظتي ڊيوٽين تي مقرر هوندا جڏهن ته آفيسر سيڪيورٽي جي نگراني لاءِ پيٽرولنگ ڪندا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *