سڄي ملڪ جو عوام بلاول ڀٽو زداري جي آواز تي لبيڪ چئي 18آڪٽوبر واري جلسي ۾ شرڪت ڪندو: شرجيل ميمڻ

FullSizeRenderحيدرآباد (بيورو) اطلاعات ۽ بلديات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سميت ملڪ جو عوام پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي آواز تي لبيڪ جو نعرو هنيو آهي ۽ 18 آڪٽوبر 2014ع تي سندس پهرين سياسي جلسي جي موقعي تي ڪراچي ۾ عوام جو هڪ سمنڊ گڏ ٿيندو جيڪو پنهنجي نوجوان قائد بلاول سان محبت جو اظهار ڪندو . اهڙو اظهار هن جمعي ڏينهن سول لائين حيدرآباد ۾ پنهنجي رهائشگاهه تي بلاول ڀٽو زرداري جي 18 آڪٽوبرواري جلسي جي سلسلي ۾ پي ايس 50 جي عوام جي شرڪت ۽ انتظامن جي حوالي سان پنهنجي تڪ جي ماڻهن سان   گڏجاڻي دوران ڪيو. صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پ پ پ   جو هڪ نوجوان ۽ باصلاحيت اڳواڻ آهي ۽ پنهنجي ناني شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ پنهنجي والده شهيد بينظير ڀٽو وانگر هڪ بهادر سياستدان پڻ آهي ۽ مستقبل ۾ سندس قابليت ۽ دانشمندي جمهوريت جي مضبوطي ۽ غريب عوام جي فلاح بهبود لاءِ ڪارائتي ثابت ٿيندي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو اڄ ملڪ جو نوجوان طبقو بلاول ڀٽو زرداري سان پيار ڪري ٿو ۽ قوم جو ن ساڻس وڏيون اميدون وابسته آهن. هن چيو ته شهيد خاندان جي نشاني بلاول ڀٽو پنهنجي ابتدائي سياسي ڪيريئر ۾ عوام ۽ مظلوم طبقي لاءِ جيڪا همدردي ۽ خدمت جو جذبو رکي ٿو اهو سندس ڪاميابي جو وڏو راز آهي. هن چيو ته بلاول پنهنجي شهيد والده جي ڇڏيل مشن کي پورو ڪرڻ جو عهد ڪري ورتو آهي. تازو ئي ٻوڏ دوران بلاول جو اهو جذبو عوام پاڻ ڏٺو جنهن جي   نتيجي ۾ اڄ ملڪ جو عوام بلاول کي پنهنجو قائد تسليم ڪري ٿو ۽ سندس آواز تي لبيڪ چئي سندس جلسي کي تاريخ جو ڪامياب ترين جلسو ثابت ڪندو، جنهن سان مخالف حيران ٿي ويندا. هن چيو ته ملڪ جو عوام اڄ به پ پ پ جي حمايت ڪري ٿو ۽ شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ڪامياب پاليسين تي کيس خراج تحسين پيش ڪري ٿو ڇاڪاڻ ته آصف علي زرداري ڏکين حالتن ۾ ملڪ کي نه فقط بچايو پر ان کي ترقي يافته ملڪن جي صف ۾ آندو. هن چيو ته اها ئي پ پ پ جي خصوصيت آهي ته اها هميشه ملڪ کي بحرانن مان ڪڍي ترقيءَ جي راهه تي آڻي ٿي ۽ اهو ئي ڪارڻ آهي جو ملڪ ۽ جمهوريت دشمن عنصر پ پ پ خلاف مختلف سازشون ڪن ٿا پر پ پ پ ۽ عوام جي مضبوط ڳانڍاپي سبب مخالفن جون اهڙيون سموريون سازشون ناڪام ٿي وڃن ٿيون. گڏجاڻي ۾ پي ايس 50 جي مختلف يو سيز جي عهديدارن، ڪارڪنن سميت عوام جي وڏي انگ شرڪت ڪئي ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي جلسي ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪرڻ جي خاطري پڻ ڪرائي. ان موقعي تي صوبائي وزير کي ٻڌايو ويو ته پي ايس 50 ۾ هر يوسي ۽ ديهه سطح تي ان سلسلي ۾ گڏجاڻيون پڻ منعقد ڪيون ويون آهن ۽ جلسي ۾ شرڪت لاءِ ٽرانسپورٽ سميت سمورا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن ۽ پي ايس 50 جو عوام پنهنجي محبوب قائد بلاول ڀٽو زرداري جي آواز تي لبيڪ چئي 18 آڪٽوبر تي ڪراچي پهچندو. گڏجاڻي ۾ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ، پ پ پ جي يو سي عهديدارن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون ۽ سندن طرفان جلسي ۾ شرڪت لاءِ ڪيل انتظامن بابت تفصيلي ڄاڻ پڻ ورتي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *