سڄي قوم دھشتگردي ۽ انتھاپسندي خلاف متحد ۽ سينو تاڻي بيٺل آھيۡ: بلاول ڀٽو زرداري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڊيرا اسماعيل خان ۾ چيڪ پوسٽ تي فائرنگ ۽ اسپتال ۾ ٿيل آپگھاتي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي. پنھنجي بيان ۾ پي پي پي چيئرمين ڊيرا اسماعيل خان ۾ دھشتگرد حملن دوارن پوليس اھلڪارن سميت بيگناھ شھرين جي شھادتن تي افسوس ۽ شھيدن جي پونئيرن سان ھمدردي توڙي ايڪي جو اظھار ڪيو. ھن زور ڏنو تھ دھشتگرد حملن ۾ زخمي ٿيلن جي لاءِ بھتر علاج کي يقيني بڻايو وڃي. بلاول ڀٽو زرداري چيو تھ سڄي قوم دھشتگردي ۽ انتھاپسندي خلاف متحد ۽ سينو تاڻي بيٺل آھي. ھن وڌيڪ چيو تھ دھشتگردي درندگي جي انتھا آھي، جنھن کي لوھي ھٿن سان دفن ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو بھ علاج ناھي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *