سڄي دنيا مان ڀرپور موٽ ملي آهي، هزارن  جي انگ ۾ ڪالز آيون آهن،ماڻهو پڇن پيا ته ٻڌايو ڇا ڪرڻو آهي: مصطفى ڪمال

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته پريس ڪانفرنس کانپوءِ سموري دنيا مان ڀرپور رسپانس مليو آهي، هزارن  جي انگ ۾ ڪالز مليون آهن،ماڻهو پڇي رهيا آهن ته ٻڌايو اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، ڪراچي ۾ جمعي جي نماز کانپوءِ انيس قائم خاني سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪراچي جي اڳوڻي سٽي ناظم مصطفيٰ ڪمال چيو ته نئين پارٽي ٺاهڻ جي اعلان کانپوءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان ڪالز آيو آهن، پر مصروفيتن سبب جواب نه ڏئي سگهيو آهيان، ان تي معذرت ٿو ڪريان، مصطفيٰ ڪمال صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته منهنجي لاءِ ڪو نالو ننڍو يا وڏو ناهي، سڀ برابر آهن، نه ئي منهنجي لاءِ ڪو باغي يا وفادار آهي، سڀني کي پنهنجي پارٽي جوائن ڪرڻ جي آفر ڪئي آهي، الله ايم ڪيو ايم کي هدايت ڏي، سڀني کي چوان ٿو ته سوچيو ڇا صحيح آهي ڇا غلط آهي، هن چيو ته اسان وڏن نالن کي ٽارگيٽ ناهي ڪيو ،نه ته پهريان لابنگ ڪريون ها، پريس ڪانفرنس ۾ اهو ئي چيو ،جنهن تي پهريان ڳالهه ٿي رهي آهي، ڪنهن قسم جا دستاويز ناهن ڏيکاريا، اسان جي ڳالهه سڀني تائين پهچائڻ لاءِ ميڊيا جو به دل جي گهرائين سان ٿورائتو آهيان، سيڪيورٽي خطرن بابت سوال جو جواب ڏيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته عام ماڻهو جيان اسان کي سيڪيورٽي خطرا آهن پر زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن اهو موت ڏسن ته ڪير چئي رهيو آهي، اهو ڏسن ته ڇا چئي رهيو آهي، روق، زندگي  ۽ موت الله ڏيندو آهي، ان لاءِ انسان کان خيرات نه گهرو ۽ نه ئي موت کان ڊڄو، مرڻ کانپوءِ سڀني کي قبر ۾ وڃڻو آهي،هر ڪو پاڻ جوابده هوندو آهي، الله سوال ڪندو ته تون ڇا ڪري آيو آهين؟ ان لاءِ سڀني کي چوان ٿو ته الله کان ڊڄو انسان کان نه ڊڄو، صحافين پاران انيس قائم خاني کان سوال ڪيو ويو ته بلديه فيڪٽري ۾ باهه لڳي يا لڳائي وئي هئي؟ جنهن جي جواب ۾ مصطفيٰ ڪمال ڳالهايو ته اهو سوال توهان جاچ آفيسر کان ڪريو، انيس قائم خاني سوال جو جواب ڏيندي ڪاوڙ ۾ چيو ته بلديه فيڪٽري ڪيس جي جي آءِ ٽي رپورٽ ۾ منهنجو نالو شامل ناهي، مان ان وقت ايم ڪيو ايم جو ڊپٽي ڪنوينر هيس ۽ ان حيثيت سان ماڻهن کي بچائڻ ويندو هيس باهه لڳائڻ نه.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *