سڄي دنيا امن لاءِ ڪيل اسان جي ڪوششن کي مڃي ٿي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوا منگلا ڀرسان قومي دهشتگردي ٽوڙ مرڪز پبي جو دورو ڪري پرڏيهي ٽيمن سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف نيشنل ڪائونٽر ٽيرر ازم سينٽر جو دورو ڪيو، جتي هن پاڪ فوج جي مقابلن ۾ شريڪ پرڏيهي عسڪري ٽيمن سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته دهشتگردي سڄي دنيا کي متاثر ڪري رهي آهي، جنهن خلاف اجتماعي رد عمل واري حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته امن ۽ استحڪام لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهيون، ڇو ته پاڪستان امن پسند ملڪ آهي. سڄي دنيا امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل اسان جي ڪوشش کي تسليم ڪري ٿي. آرمي چيف چيو ته پرڏيهي ٽيمن جي موجودگي اسان جي ڪوششن کي مڃڻ جو ثبوت آهي. پاڪستان خلاف عالمي اڪيلائيءَ جي پروپئگنڊا ڪندڙ ڏسي ڇڏين، اسان اڪيلا ناهيون.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *