سڄي حياتي وليمسن کان معافي گهرندو رهندس: اسٽوڪس

 

لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ کي پهرين ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻائيندڙ آل رائونڊر بين اسٽوڪس عالمي ڪپ فائنل جي آخري اوور ۾ اڻڄاڻي ۾ بال جي رستي ۾ اچڻ تي ۽ اوور ٿرو جون چار رنسون ملڻ تي نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن کان معافي گهري ورتي آهي.لارڊز جي تاريخي ميدان تي ٿيل دلچسپ فائنل مقابلي ۾ انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ آخري اوور ۾ 15 رنسون گهربل هيون ۽  ٽيم آخري اميد بين اسٽوڪس ڪريز تي موجود هو.ڪيوي فاسٽ بالر بولٽ طرفان هلايل آخري اوور جي پهرين ٻن بالن تي ڪا به رنس نه ٺهي جنهن کانپوءِ ٽئين بال تي اسٽوڪس ڇڪو هنيو، اوور جو چوٿون بال تي هن ڊيپ مڊ وڪيٽ طرف کيڏيو ۽ ٻن رنسون ٺاهڻ لاءِ ڀڳو، ٻي رنس لاءِ واپسي ڪندي هن وڪيٽ بچائڻ لاءِ ڊائيو هنئي ته فيلڊر طرفان اڇلايل ٿرو ساڻس ٽڪرائي ٿرڊ مين بائونڊي پار ڪري ويو ، اهڙي ريت انگلينڊ کي ٻن بدران اضافي چار رنسن سان گڏ گڏيل طور تي 6 رنسون ملي ويون.باقي رهيل ٻن بالن تي انگلينڊ کي ڪاميابي لاءِ 3 رنسون گهربل هيون پر اسٽوڪس سمورين ڪوششن باوجود رڳو 2 رنسون ئي ٺاهي سگهيو ۽ ميچ برابر ٿي وئي.جنهن کانپوءِ سپر اوور ۾ به مقابلو ٽاءِ رهيو ۽ وڌيڪ بائونڊرين جي بنياد تي انگلش ٽيم ورلڊ چيمپيئن بڻجڻ ۾ ڪاميابي ٿي وئي.ان ڳالهه ۾ ڪو به شڪ ناهي ته اهي چار رنسون ميچ جي نتيجي تي اثر انداز ٿيون ۽ انگلينڊ جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو جنهن جي اهميت بين بين اسٽوڪس به  سمجهي ورتي.ميچ کانپوءِ واقعي بابت ڳالهائيندي بين اسٽوڪس چيو ته اوور ٿرو تي ڪين وليمسن کان معافي گهري ورتي آهي. آل رائونڊر چيو ته مون ڪين وليمسن کي چيو ته آئون ان لاءِ سڄي حياتي معافي گهرندو رهندس.جڏهن ڪين وليمسن کان ان بابت سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏيندي چيو ته ڪرڪيٽ ۾ اهڙي قسم جو شيون ٿينديون رهنديون آهن.،

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *