سڄي جنگ بي اعتمادي نه، پر اين آر او ۽ ڪيسز جي آهي، جھڪڻ وارو ناھيان: عمران خان

مانسره /اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان اهم شخصيت کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي خبرن جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ادارن پاڻ کي نيوٽرل ڪري ڇڏيو آهي آئيني ۽ قانوني طور تي فوج اسان سان گڏ آهي اسان کي ڪنهن سپورٽ جي به ضرورت نه آهي جلسي ۾ عوام جو سمنڊ هوندو اتحادي هجن باغير ميمبر هجن يا ادارا سڀ حڪومت سان گڏ بيهندا جڏهن کان اپوزيشن عدم اعتماد آندو آهي تڏهن کان اسان جي مقبوليت ۾ اضافو ٿيو آهي ذريعن مطابق وزيراعظم عمران خان اينڪرز پرسنز سان ملاقات ۾ ڳالهه ٻولهه ڪري رهيو هو خانگي ٽي وي اينڪر پرنسن مطابق وزيراعظم چيو ته هو گهڻو پراميد آهي ته بي اعتمادي رٿ کي شڪست ڏينداسين وزيراعظم چيو ته هو اتحادين ۽ باغي ميمبرن سان رابطي ۾ آهي هو عوامي مقبوليت کي ڏسي رهيو آهي ۽ وزيراعظم چيو ته اوهان ڏسندا ته جلسي ۾ ڪيترا ماڻهو ايندا ڪيترن ماڻهن کي خدشو ٿي ويو هو ته پي ٽي آئي جي مقبوليت گهٽجي رهي آهي پر گذريل ٻن هفتن ۾ ان ۾ اضافو ٿيو آهي 27 مارچ تي وڏو جلسو ٿيندو ان مان واضح ٿيندو ته پي ٽي آئي ڪيتري مقبول آهي جنهن کي سمجهه ۾ اچي ٿو ته حڪومت وڃڻ گهرجي ته اهو پنهنجو ذهن تبديل ڪري ڇڏي وزيراعظم سمجهي ٿو ته ادارا نيوترل آهن ان تي جيڪا به ماضي ۾ تنقيد ٿيندي رهي هاڻي ادارن پاڻ کي نيوٽرل رکي ڇڏيو آهي آئيني ۽ قانوني طور تي فوج اسان سان گڏ آهي ۽ اسان کي ڪنهن سپورٽ جي ضرورت نه آهي، وزيراعظم چيو ته کيس لڳي ٿو ته امپائر نيوٽرل آهي هو سمجهي ٿو ته اپوزيشن ڪرپشن بچائڻ لاءِ ۽ خاص ڪري شهبازشريف جي ڪيسن کي کڻي اها رٿ آندي آهي. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اپوزيشن کي غلط فهمي ٿي وئي هئي ته تازو ئي جيڪا تبديلي ٿي ان سان حڪومت جي سپورٽ ختم ٿي ويندي تنهنڪري اپوزيشن بي اعتمادي رٿ آندي وزيراعطم ان موقعي تي اهم شخصيت کي ڊي نوٽيفاءِ ڪرڻ جي خبرن جي به ترديد ڪئي. ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 3 ڪوئا گڏجي منهنجي شڪار لاءِ نڪتا آهن انهن ڪوئن کي شڪست ڏينداسين سموري جنگ اها آهي ته ڪيس ختم ڪري اين آر او ڏئي ڇڏيان جنهن ڏينهن انهن جا ڪيس معاف ڪيا ملڪ سان سڀ کان وڏي غداري ڪندس الله ڪنهن کي اجازت ناهي ڏني سڄي ۽ بري جي جنگ ۾ نيوٽرل هجي يا پوئتي هٽي وڃي ته اسان ڪنهن سان گڏ ناهيون جن معاشرن ۾ امرباالمعروف تي عمل ٿئي ٿو اتي مجرم ڀاڳوڙي کي پارٽي به ڇڏي وڃي هر جلسي ۾ پاڻ کي چئي ويندو آهيان فضل الرحمان کي ڊيزل نه چوندس تقرير ڪرڻ بيهندو آهيان ته سڄي پنڊال مان ڊيزل جا آواز ايندا آهن ووٽ وٺڻ لاءِ مذهب کي استعمال نٿو ڪريان اسلام آباد جي منڊي ۾ ضمير جي عيوض 25 ڪروڙ تائين آڇ ڪئي پئي وڃي. سڄو ڏينهن ڪوئا گڏجي گهٽ وڌ چون ٿا ڊيڄارين ٿا بليڪ ميل ڪن ٿا ايمان واري کي ڪوئي خريد نٿو ڪري سگهي ڪوئي ڊيچاري نٿو سگهي. ملڪ کي ڪنهن جي اڳيان جهڪڻ نه ڏينداسين ڪنهن جي غلامي نه ڪنداسين اوهان کي دنيا ۾ گرين پاسپورٽ جي عزت ڪرائي ڏيکاريندس جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته مان هر جلسي ۾ اهو وچن ڪري ايندو آهيان ته فضل الرحمان کي ڊيزل نه چوندس پر جڏهن تقرير لاءِ ايندو اهيان ته پنڊال مان ڊيزل جا آواز ايندا آهن هن چيو ته مان سڄي حڪومت ۾ وڏي ڪوشش ڪئي ته ڊيزل جي قيمت گهٽ ڪئي وڃي هن چيو ته مان ووٽ وٺڻ يا ماڻهن کي راغب ڪرڻ لاءِ الله جو نالو ناهيان وٺندو هن چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن مان انهن نوجوانن کي پنهنجي تجربي مان سيکارڻ چاهيان ٿو عظمت جو صحيح رستو ڪهڙو آهي هن چيو ته اسلام آباد ۾ مندي لڳل آهي جتي ماڻهن کي خريد ڪرڻ لاءِ 25/20 ڪروڙ جي آڇ ڪئي پئي وڃي صالح محمد جي ضمير کي خريد ڪرڻ لاءِ به 20/25 ڪروڙ جي آڇ ڪئي وئي صالح محمد به پئسا وٺي ڇئي سگهي پيو ته منهنجو ضمير جاڳي پيو مان کيس خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته 20 ڪروڙ ڇا 50 ڪروڙ به ڏنا وڃن ها ته اوهان قبول نه ڪريو ها هن چيو ته هي ڪوئا گڏجي گاريون ڏين ٿا، ڌمڪيون ڏين ٿا ٽئي ڪوئا منهنجي شڪار لاءِ نڪتا آهن انشآءالله کيس شڪست ڏينداسين سندس خواهش آهي ته عمران خان سندن خلاف ڪيس ختم ڪري ڇڏي ۽ جنرل پرويز مشرف وانگر کين اين آر او ڏئي ڇڏي عدم اعتماد جي جنگ جو رڳو اهو ئي هڪ مقصد آهي هن چيو ته بدقسمتي سان اسان کي اهڙا ليڊر مليا جن پئسا چوري ڪري ملڪ کان ٻاهر موڪليا. جن ملڪن ۾ سندن پئسو پيو هو هي ان ملڪ جا غلام بڻجي ويا 2008 کان 2018 تائين ان ملڪ اسان تي 400 ڊرون حملاڪيا جنهن جي جنگ ۾ 80 هزار پاڪستانين پنهنجون حياتيون وڃائيون انهن ٽن ڪوئن مان ٻه ڪوئا آهن ان وقت ملڪ جا سربراهه هئا کين شرم نه آيو ته جنهن ملڪ لاءِ اوهان قرباني ڏئي رهيا آهيو اهو ملڪ اوهان تي حملا ڪري رهيو آهي گهٽ ۾ گهٽ انهن کي منهن تي چئي ته ڇڏيو ها پر غلامن ۾ ايتري جرئت ڪٿي هن چيو ته سڀ ڪوئا گڏجي دعويٰ ڪري رهيا آهن ته ملڪ جون حالتون خراب ٿي رهيون آهن اوهان سڀ موبائيل ذريعي سولائي سان ان دعويٰ جي حقيقت چيڪ ڪري سگهو ٿا مان ڇئلينج ڪريان ٿو ته ساڍن ٽن سالن ۾ ڪنهن حڪومت اهڙِ قسم جي پرفارمنس ناهي ڏني جيڪا منهنجي حڪومت ڏني آهي اڄ پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ايڪسپورٽس آهي ٽيڪس ڪلينڪشن تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي ٻاهرين ملڪ پاڪستاني سڀ کان وڌيڪ ڊآلر موڪلي رهيا آهن پنج فصل تاريخي لهي رهيا آهن هارين وٽ ملڪي تاريخ ۾ ايترو پئسو ڪڏهن ناهي آيو ٽيڪسٽائيل انڊسٽري تيزي سان ترقي ڪري رهي آهي آئي ٽي انڊسٽري جون ايڪسپورٽس ٻن سالن ۾ 75 سيڪڙو وڌي ويون اسان ڏسي رهيا آهيون ته انشاءالله آئي ٽي انڊسٽري هن ملڪ کي مٿي کڻي وٺندي. وزيراعظم چيو ته اسان ماضي ۾ بجلي ۽ گئس تي ڪيل معاهدي جي ڀيٽ ۾ نوان معاهدا ڪري 700 ارب رپيا قوم جا بچايا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *