سڄو ڌيان ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم جي تياري تي آهي: مڪي آرٿر

لاهور(اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان ۽ سمورو ڌيان ايندڙ ورلڊ ڪپ لاءِ ٽيم چونڊن تي لڳل آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته پي ايس ايل جو ڪامياب ٿيڻ هڪ سٺو تجربو هو، ٽورنامينٽ ذريعي رانديگرن جي پرفارمنس جاچڻ جو موقعو مليو ۽ جن نوجوان رانديگرن پي ايس ايل دوران متاثر ڪيو، انهن کي ٽريننگ ڪيمپ ۾ شامل ڪيو آهي. مڪي آرٿر جو چوڻ هو ته رانديگرن جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهيان ۽ رانديگرن جي فٽنس پهرين ترجيح آهي پر اڳتي اچڻ لاءِ ضروري آهي ته رانديگر ڊوميسٽڪ ليول تي سٺي پرفارم ڪن.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *