سڄو ملڪ دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي، ڪا به آئيڊيل صورتحال نه آهي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات ۽ مڪاني ادارن واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سڄو ملڪ هن وقت دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي. ڪا به آئيڊيل صورتحال نه آهي. آئيڊيل صورتحال هجي ها ته آپريشن ضرب عضب يا ٽارگيٽيڊ آپريشن نه ٿيندو هجي ها ۽ اسان جون فورسز دهشت گردي خلاف وڙهڻ ۾ مصروف نه هجن ها. هن چيو ته مدرسن جي نگراني جو ڪو قانون نه آهي، پوليس ۾ سياسي مداخلت جو تاثر غلط آهي. اڄ به سنڌ ۾ 90 سيڪڙو سي ايس پي پوليس آفيسر مقرر آهن، کين سنڌ حڪومت ڀرتي نه ڪيو آهي، اهي وفاقي پبلڪ سروس ڪميشن جو امتحان پاس ڪري آيا آهن. صفوران چورنگي سانحي ۾ پاڪستان جو هر گهر اهو محسوس ڪري رهيوآهي ته سندن گهر ۾ اهي جنازا آيا آهن.آغا خان ڪميونٽي جو پاڪستان جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردار آهي .ٽيڪس جي ادائيگي ۾ به اهي سڀني کان اڳيان آهن. آغا خاني برادري اڪيلي نه آهي. سڄو ملڪ انهن سان گڏ آهي. جمعي ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ صفوران سانحي جي حوالي سان پيش ڪيل ٺهراءُ تي خطاب ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سڄو ملڪ هن وقت دهشت گردي جي ور چڙهيل آهي. ڪا به آئيڊيل صورتحال نه آهي. آئيڊيل صورتحال هجي ها ته آپريشن ضرب عضب يا ٽارگيٽيڊ آپريشن نه ٿيندو هجي ها ۽ اسان جون فورسرز دهشت گردن خلاف ويڙهه ۾ مصروف نه هجن ها. ڪراچي ۾ سالن کان حالتون خراب آهن. دهشت گردي جا وڏا وڏا واقعا ٿيا. آئون اهو جواز پيش نه پيو ڪيان ته اسان جي دور ۾ واقعا گهٽ ٿيا آهن. ان ڪينسر کي پکڙجڻ کان روڪڻو آهي. علاج لاءِ وقت گهربل هوندو آهي. صوبائي حڪومت سان گڏوگڏ وفاقي حڪومت کي به مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته سڀني مذهبي جماعتن جو احترام ڪيون ٿا ، بهرحال مدرسن جي نگراني جو ڪو قانون نه آهي. اڪثر مدرسا ديني تعليم ڏين ٿا پر انهن مدرسن ۾ اهڙا عنصر به آهن ، جيڪي انتهاپسندي جي تعليم ڏين ٿا. هن چيو ته سنڌ پوليس گهڻيو قربانيون ڏنيون آهن. سنڌ حڪومت پوليس جي پگهارن ۾ اضافو ڪيو ۽ اڄ پنجاب پوليس جي برابر پگهارون آهن. اسپيشل ڪمانڊوز جي تربيت سنڌ ۾ به جاري آهي. پاڪ فوج به سنڌ پوليس جي تربيت ڪندي. اسان شهيد پوليس اهلڪارن جو معاوضو 20 لک رپين تائين ڪيو. هاڻي هڪ ڪروڙ رپيا ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون ته جئين سندن پونئرن کي سيڪيورٽي ۽ سماجي تحفظ جو احساس ٿئي. هن چيو ته مخالف ڌر حڪومت تي تنقيد ڪري يا ان پوليس آفيسر تي ڪري جنهن غلط ڪم ڪيو هجي پر پوليس کي مجموعي طور تي تنقيد جو نشانو نه بڻايو وڃي. هن چيو ته سنڌ پوليس جي ڪارڪردگي تي ان کي سلام پيش ڪيان ٿو. وڏا وڏا ٽارگيٽ ڪلرز ۽ ڀتي خور گرفتار ڪيا. القاعده، طالبان سان مقابلا ڪيا ۽ کين ماريو، خطرناڪ هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو. دهشت گردن ۽ ٽارگيٽ ڪلرز کي گرفتار ڪيو ۽ ماريو. رينجرز کي به سلام پيش ڪيان ٿو. دهشت گردن جي رٽ ختم ٿي آهي. 100 سيڪڙو گهٽ نه ٿي آهي پر 90 سيڪڙو ضرور گهٽ ٿي آهي. هن چيو ته سنڌ جي اترين علائقن ۾ ڌاڙيل راڄ هو ، اڄ اهي ڌاڙيل ڀڄي رهيا آهن ۽ کين ماريو ويو آهي. سکر، لاڙڪاڻو ، شڪارپور ۽ ٻيا ضلعا پرامن آهن. هن چيو ته پوليس ۾ سياسي مداخلت جو تاثر غلط آهي. اڄ به سنڌ ۾ 90 سيڪڙو سي ايس پي پوليس آفيسر مقرر آهن. کين سنڌ حڪومت ڀرتي نه ڪيو آهي. اهي وفاقي پبلڪ سروس جو امتحان پاس ڪري آيا آهن. ان کان وڌيڪ گڊ گورننس ڇا ٿيندي آهي. هن چيو ته پوليس نه فقط دهشت گردن کي گرفتار ڪيو پر وڏن وڏن واقعن جو پتو لڳايو .13 مئي جي سانحي ۾ ملوث ماڻهن کي به گرفتار ڪنداسين. ڊي جي رينجرز جي قياد ۾ رينجرز اهم ڪيس حل ڪيا ۽ نامزد ماڻهن کي گرفتار ڪيو. ماضي جي وڏن وڏن دهشت گردي جي واقعن جي ڏوهارين کي اسان جي حڪومت گرفتار ڪيو. هن چيو ته سنڌ ۾ گهرو وزير نه هجڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن ٿيون. پنجاب ۾ ٻه وڏا واقعا ٿيا ڇا پنجاب جي وڏي وزير استعيفيَ ڏني. پشاور ۾ آرمي پبلڪ اسڪول جي سانحي بعد خيبرپختون خواهه جي وڏي وزير استعيفيَ ڏني؟ بلوچستان ۾ بسن تي فائرنگ ٿي آهي، ڇا بلوچستان جي وڏي وزير استعيفيَ ڏني. استعيفيَ جو مطالبو مناسب نه آهي. هن چيو ته 13 مئي سانحي ۾ ٻاهريان هٿ ملوث ٿي سگهن ٿا. آخر ۾ هن چيو ته اسان جي حڪومت جو عزم آهي ته “را” هجي يا مقامي ايجنٽ يا ڪو ٻيو دهشتگرد هجي،اسين انهن خلاف وڙهي رهيا آهيون ۽ وڙهندا رهنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *