سڃاڻپ سنڌ ڏني، ڳڻبس بلوچن ۾، بلوچستان جو مستقبل روشن آهي: آصف زرداري

جعفر آباد  (اين اين آءِ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪمرانن کي ڄاڻ نه آهي ته سي پيڪ پاڪستان جو منصوبو آهي، سي پيڪ تي ڪجهه ماڻهن کي غلط فهميون ٿي رهيون آهن، ڀارتي وزيراعظم اسان جو پاڻي بند نٿو ڪري سگهي، اسان ڪيترائي رستا ڳولي ورتا آهن، ان رستن ۾ بلوچستان جو حصو پهريون بڻجي ٿو، اڳوڻي صدر تحريڪ پاڪستان جي اڳواڻ مير جعفر خان جمالي جي 50 هين ورسي ۾ شرڪت لاءِ هيليڪاپٽر ذريعي جعفر آباد پهتو جتي هڪ جلسي کي خطاب ڪندي هن چيو ته سي پيڪ تي ڪجهه ماڻهن کي غلط فهميون ٿي رهيون آهن، هن چيو ته اهو پختونن ۽ پاڪستان لاءِ آهي، ذاتي منصوبن لاءِ نه، هاڻ اسان کي سوچڻو اهو آهي ته اسان انهن کان ڪيئن پنهنجون شيون واپس وٺون، اسان کي انهن کان پنهنجون سموريون زمينون واپس وٺڻيون آهن ۽ بلوچن کي ڏيڻو آهن پر زور سان نه، هن چيو ته مان گذريل ڏينهن حب جي دوري وقت به چيو هو ته آدمشماري جي سلسلي ۾ بلوچن سان زيادتي ٿي رهي آهي، جيڪڏهن زيادتي ٿي آهي ته پهريان ته جوان پهاڙن تي چڙهيل هئا، پوءِ اسان ڪراڙا به چڙهي وينداسين، آصف زرداري سوال ڪيو ته بلوچستان ۾ پهاڙن تي چڙهي اسان ڪنهن جو نقصان ڪيو، هن جواب ڏنو ته اسان جو ئي نقصان ٿيو، اسان جي ڀائرن، نياڻين، ڀائٽيا ۽ بزرگ مارجي ويا ۽ قومون تباهه ٿي ويون، اهي قومون جن کي اسان فخر سان ڏسندا هئاسين، آصف زرداري بلوچن کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان جو علائقو ملڪ جو سڀ کان وڏو علائقو آهي، جڏهن ته توهان پنهنجو پاڻ کي ڇو غلط استعمال ٿيڻ ڏيو ٿا، توهان وٽ هر شيءِ موجود آهي، جيڪڏهن مونکي الله سائين موقعو ڏنو ته سمورن ڪچن واهن کي پڪو ڪندس ۽ توهان کي نئين انداز سان پاڻي هلائڻ سيکاريندس ۽ مفت ڊرپ ايگريشن به ڏيندس. هن چيو ته مون کان ماڻهو پڇن ٿا ته مان وزيراعظم ڇو بڻيس ته مان انهن کي چوندو آهيان ته جيڪڏهن مان وزيراعظم بڻجا هان ته ڇا مان 18 هين ترميم ڪري سگهان ڇا مان پختونن کي انهن جو حق ڏياري سگهان هان ان ئي سبب مان صدارت جو اميدوار بڻيس ۽ پارليامينٽ جي فورم تان مون کي چونڊيو ويو، هن چيو ته منهنجي سڃاڻپ سنڌ کان ملي، جڏهن ته منهنجو شمار بلوچن ۾ ٿئي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *