سڀني کي گڏجي جهالت خلاف جهاد ڪرڻو پوندو: سراج الحق

لاهور (م.ڊ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته سڀني کي گڏجي جهالت خلاف جهاد ڪرڻو پوندو، اهڙو ميزائيل به ايجاد ڪيو وڃي جنهن سان جهالت جو خاتمو آڻي سگهجي لاهور ۾ منعقد هڪ تقريب کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ هو ته اها تعليم فتنو آهي جنهن جي ذريعي  انسان الله کي وساري ڇڏي، علمي ذريعي ئي سڀ ڪجهه حاصل ڪري سگهجي ٿو هن چيو ته بدقسمتي سان بجيٽ ۾ سڀ کان گهٽ حصو تعليم لاءِ رکيو ويندو آهي اڄ جا ٻار سڀاڻي جو مستقبل آهن، انهن تي توجهه ڏيڻ حڪومت جي پهرين ترجيح ۾ شامل هجڻ گهرجي، جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته تعليم جو مقصد زندگي جي مقصد کي سمجهڻ آهي، ان موقعي تي هن رعد ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي سائنسدانن ۽ قوم کي مبارڪباد به ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *