سڀني کان پهرين وزير اعظم جي خاندان جي جاچ ٿيڻ کپي: مخالف ڌر

راولپنڊي(م.ڊ) پيپلزپارٽي پاناما ليڪس معاملي تي عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان رابطو ڪري ورتو آهي. اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته سڀ کان پهرين وزير اعظم نواز شريف ۽ ان جي گھر ڀاتين جوا حتساب ٿيڻ گھرجي. سينيٽ ۽ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻن سينيٽر اعتزاز احسن ۽ سيد خورشيد شاهه عوامي ليگ جي سربراهه شيخ رشيد سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاناما ليڪس معاملي ۽ ٻه مئي تي گھرايل مخالف ڌر جي پارٽين جي اجلاس بابت غور ويچار ڪيو ويو. پ پ اڳواڻن شيخ رشيد کي ٻه مئي واري اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن چيو ته پاناما ليڪس جي جاچ ي مخالف ڌر جي پارٽين کي متحد ڪرڻ چاهيون ٿا.  هن چيو ته پاناما ليڪس بابت معاملن تي شيخ رشيد سان اتفاق ٿيو آهي. شيخ رشيد 2 مئي واري اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت قبولي ورتي آهي. اعتزاز احسن وڌيڪ چيو ته 200 پاڪستانين ۾ وزير اعظم ۽ ان جي خاندان جو نالو سڀ کان مٿي آهي. ان کان اڳ جو معاملو عدالتي ڪميشن ۾ وڃي ڪجھه ڳالهين طئي ٿيڻ گھرجن.  هن چيو ته آف شور ڪمپنين جي الزام هيٺ آيل پاڻ اربين رپين جو پرڏيهه ۾ ڪاروبار هجڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ٻئي طرف  سينيٽر اعتزاز احسن چيو آهي ته پاناما ليڪس جي ٻين قسط ۾ ڪنهن جو به نالو اچي پر اسان جو موقف ساڳو ئي آهي، سڀني کان پهرين وزير اعظم جي خاندان جي جاچ ٿيڻ کپي، خابرو ادارن موجب پيپلز پارٽي اڳواڻن اعتزاز احسن ۽ خورشيد شاهه سپريم ڪورٽ بار جي صدر ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ پاناما ليڪس معاملي تي جوڊيشل ڪميشن جي ٽرمز آف ريفرنس تي ڳالهيون ڪيون ويو، ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته اسان سمجهون ٿا ته سپريم ڪورٽ بار ڪنهن هڪ تنظيم يا سوچ جي نمائندگي نٿي ڪري، پر سپريم ڪورٽ بار جي باڊي عوامي سوچ رکي ٿي، اعتماد آهي ته سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن ملڪ ۽ قوم بابت سوچي رهي آهي، ان موقعي تي خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته 2 مئي تي اپوزيشن پارٽين جو گڏيل اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ايندڙ حڪمت عملي جوڙي ويندي، جڏهن ته ان موقعي تي سپريم ڪورٽ بار جي صدر علي ظفر چيو ته پ پ اڳواڻن سان ملاقات ۾ اسان جوڊيشل ڪميشن جي ٽي او آر تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي ۽ ان معاملي تي وڌيڪ صلاح مشورو ڪنداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *