سڀني پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان جو انگ پورو آهي، وزيراعظم وڃي رهيو آهي: بلاول ڀٽو زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي وئي آهي، اپوزيشن جو انگ پورو ٿي ويو آهي. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جو ڪردار غير جمهوري رهيو آهي، ان جي مذمت ڪريون ٿا، عمران خان لاءِ فرار ٿيڻ جو ڪو به رستو ناهي، وزيراعظم وڃي رهيو آهي. هن چيو ته اسان سڀني پارٽين سان گڏجي ڪم ڪرڻ چاهيون ٿا، عمران خان جي حڪومت ختم ٿي وئي آهي، اسان جو انگ پورو ٿي چڪو آهي، مان نه ٿو سمجهان ته ڪو اتحادي حڪومت سان گڏ هلي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ڪالهه به عمران خان کي هارايل نظر اچي رهيو هو ۽ هاڻ به پراڻيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي، هر پاڪستاني پارليامينٽ ڏانهن ڏسي رهيو آهي ته هن تاريخي مهانگائي، غربت ۽ بيروزگاري ۾ عمران ۽ عوام سان ڪير بيٺو آهي، سياسي مستقبل لاءِ عوام جو ساٿ ڏيڻو پوندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *