سڀني جو احتساب هڪ ئي اداري تحت ٿيڻ گهرجي: رضا رباني

لاهور (م.ڊ) سينيٽ چيئرمين رضا رباني چيو آهي ته سڀني جو احتساب هڪ ئي اداري تحت ٿيڻ گهرجي، هڪ ئي اداري مان احتساب سبب اعتماد پيدا ٿيندو آهي، خابرو ادارن موجب ميڊيا سان ڳالهائيندي رضا رباني جو چوڻ هو ته احتساب جو هڪ اهڙو نظام هجڻ گهرجي جنهن ۾ ڪو به مقدس ڳئون نه هجي، حڪومت پاران اسان جي سفارشن تي في الحال عمل نظر نٿو اچي، آئين ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو ڦير ڦار ڪيو ويو ته نتيجا خطرناڪ نڪرندا، سندس چوڻ هو ته جهموري حڪومت ڀلي ڪيتري به سست هجي، جهموريت کانسواءِ ٻيو ڪوبه رستو نه آهي.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *