سڀاڻي کان 16 جولاءِ تائين ڪراچي ويندڙ عيد اسپيشل ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي جو اعلان

لاهور (بيورو) ريلوي واري وزارت، سڀاڻي کان 16 جولاءِ تائين ڪراچي ويندڙ عيد اسپيشل ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائيءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وفاقي وزير خواجا سعد رفيق جو چوڻ آهي ته موجوده حڪومت ريلوي جي بحالي لاءِ سنجيدگي ۽ ايمانداريءَ سان ڪوشش ڪري رهي آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ريلوي واري وزير خواجا سعد رفيق چيو ته پنجاب ۽ خيبر پختون خواهه جا لکين ماڻهو ڪراچي ۾ روزگار لاءِ آباد آهن ان ۾ ريلوي جو ڪو قصور ناهي، هر مذهبي ڏڻ ۽ عيدن تي ماڻهو ڪراچي کان پنهنجي اباڻن ڏانهن واپس ورندا آهن. هن چيو ته جيڪڏهن ٽرين ڪراچي نه ويندي ته مسافرن کي واپس ڪيئن آڻيندي، جيڪي ريل گاڏيون خالي ڪيون ويون هيون انهن واپس پنهنجي منزلن تي سوين مسافرن کي واپس آندو آهي. هن چيو ته اڄ به جيڪي مسافر ٽرين ذريعي ڪراچي روانو ٿيا آهن انهن مان واپسي لاءِ 450 مسافرن ايڊوانس بــُڪنگ ڪرائي رکي آهي. ريلوي واري وزير اعلان ڪيو ته سڀاڻي کان 16 جولاءِ تائين ڪراچي ويندڙ عيد اسپيشل ٽرينن جي ڀاڙن ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي ويندي. خواجا سعد رفيق چيو ته قومي ادارا هلائڻ جي سنجيده ڪوششون ڪيون پيون وڃن، پر ڪجهه ماڻهن کي ان ڳالهه جي تڪليف آهي ته ڌرڻو ڪامياب نه ٿيو. هن چيو ته موجوده حڪومت ريلوي جي بحالي لاءِ سنجيدگي ۽ ايمانداريءَ سان ڪوششون ڪري رهي آهي، هنن جي دور ۾ پاڪستان ريلوي آمدني ۾ 11 سيڪڙو اضافو ڪيو ۽ خرچن کي گهٽايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *