سپريم ڪورٽ ۾ وزيراعظم خلاف توهين عدالت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ وزيراعظم نواز شريف ۽ ٻين ليگي اڳواڻن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ داخل درخواست شنوائي لاءِ منظور ڪري ورتي آهي. رپورٽ مطابق درخواست گذار محمد اختر نقوي وزيراعظم ۽ ٻين ليگي اڳواڻن تي توهين عدالت جي ڪارروائي ۽ نااهلي لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وزيراعظم نواز شريف ۽ ليگي اڳواڻن جي آءِ ٽي ۽ عدالت خلاف تقريرون ڪيون، ان ڪري سپريم ڪورٽ انهن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪري. درخواست ۾ وزيراعظم نواز شريف، دانيال عزيز، طلال چوڌري، طارق فضل چوڌري، مشاهد الله خان، ڪيپٽن ريٽائرڊ صفدر ۽ ٻين اڳواڻن کي ڌر بڻايو ويو آهي. سپريم ڪورٽ محمد اختر نقوي طرفان داخل درخواست کي شنوائي لاءِ منظور ڪري ورتو آهي جنهن کي ۱۷جولاءِ تي جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ ٽي رڪني بئنچ ٻڌندي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *