سپريم ڪورٽ ۾ حددخلين جي خلاف آپريشن تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي ويندي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير جي اطلاعات واري صلاحڪار بئريسٽر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ماڻهن کي بي گهر ڪرڻ واري تبديلي سرڪار حددخلين جي خلاف آپريشن روڪرائڻ جو ڪريڊٽ وٺڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهي آهي جڏهن ته سنڌ حڪومت پهريان ئي ڪراچي جي ميئر کي حددخلين جي آپريشن بابت حڪم ڏيئي ڇڏيا هئا جڏهن ته سنڌ حڪومت 6 ڊسمبر تي سپريم ڪورٽ ۾ حددخلين بابت نظرثاني جي درخواست داخل ڪندي ۽ سنڌ حڪومت نظرثاني جي درخواست داخل ڪرڻ جي مڪمل تياري ڪري ورتي آهي هن چيو ته حددخلين جي خلاف آپريسن تي نظرثاني جي درخواست جي منظوري سنڌ ڪابينه پهرين ڊسمبر تي ئي ڏيئي ڇڏي هئي ان ڳالهه جو اظهار هن اربع تي پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو مرتضٰ وهاب چيو ته حددخلين جي خلاف آپريشن جي ڏس ۾ سنڌ حڪومت هڪ بهترين قدم به کنيو آهي جنهن مطابق آپريشن متاثر دڪاندارن کي هلندڙ مهيني تائين متبادل جڳهه فراهم ڪئيويندي پهرين مرحلي ۾ 4 هزار کان وڌيڪ متاثرن کي متبادل جڳهه ڏني ويندي ته جيئن اهي رزق هلال جي ذريعي پنهنجو ڪاروباري جاري رکي سگهن هن چيو ته حددخلين جي خلاف آپريشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جو ڪردار ڪنهن کان ڳجهو نه آهي ڪراچي جي ميئر جي سياسي وابستگي جنهن جماعت سان آهي اها وفاقي حڪومت ۾ حڪومت جي اتحادي آهي هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت تضادن جو ميڙ آهي وزيراعظم سياست چمڪائڻ لاءِ ون مين شو ڪري رهيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *