سپريم ڪورٽ ۾ جعلي دستاويز پيش ڪيا ويا، نواز شريف شڪر ڪري جيل ناهي ويو: طاهر القادري

لاهور( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري چيو آهي ته پاناما ليڪس ڪيس ۾ نواز شريف ۽ سندس ڪٽنب جو ڦاسڻ الله جو پلاند آهي. لاهور جي ناصر باغ  ۾ جلسي کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته هڪ شخص اقتدار کان برطرف ٿيو ۽ پڇي ٿو ته سندس ڏوهه ڪهڙو آهي،  نواز شريف کان خبر آهي ته سندس ڪهڙو ڏوهه آهي. هن چيو ته نواز شريف سپريم ڪورٽ ۾ به ڪوڙ ڳالهايو ۽ جعلي ڪاغذ جمع ڪرايا. سندس چوڻ هو ته جي آءِ ٽي شريف خاندان جي هڪ هڪ فرد کي گهرائي پڇا ڪئي ته ڪرپشن نه ٿي آهي ته ٻڌايو رقم ڪٿان آندي وئي آهي. ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته شريف خاندان جي آءِ ٽي ۾ به ڪوڙ ڳالهائيندو رهيو. هن چيو ته کيس ٻڌايو ته ماڊل ٽائون ۾ 14 ماڻهن کي ڇو شهيد ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ لکيو آهي ته نواز شريف صادق ۽ امين نه رهيو آهي، شڪر ڪري ته کيس جيل نه موڪليو ويو آهي. ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته نواز شريف اڄ قوم کي چوي ٿو ته ساڻس زيادتي ٿي آهي. هن چيو ته سپريم ڪورٽ لکيو ته نواز شريف ڪوڙو ۽ بدديانت شخص آهي. سندس چوڻ هو ته نڪ جي پڪائي اها آهي ته شرم کان گهر ويهڻ بدران جي ٽي روڊ تي احتجاج ڪيو پيو وڃي. ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته سپريم ڪورٽ پاناما ليڪس ڪيس جو فيصلو آئين موجب ڏنو آهي. هن چيو ته عدليه آئين موجب فيصلو ڪيو نواز شريف چيو ته پنج ماڻهو گهر موڪلي ڇڏين ٿا. سندس چوڻ هو ته نواز شريف جنهن آزاد عدليه لاءِ مهم هلائي تنهن ئي کيس گهر موڪليو ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته خبر پئي آهي ته نواز شريف کي جمهوريت تي يقين ناهي.  لاهور ايئرپورٽ تي آجيان لاءِ ايندڙ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته سپريم ڪورٽ انصاف ڏيڻ ۾ تاريخي فيصلو ڪيو آهي، الله وٽ دير آهي پر انڌير ناهي.هن چيو ته سپريم ڪورٽ آرٽيڪل 62 ۽ 63 تحت جوتا هڻي نواز شريف کي ڪڍيو آهي. سندس چوڻ هو ته سپريم ڪورٽ نواز شريف کي بديانت قرار ڏنو ته سازشون ڳولي رهيو آهي، اسان جي ٽي روڊ تي نظام خلاف احتجاج ڪيو، توهان ۾ همت آهي ته نالو کڻو ڪنهن خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيو ته جيئن اڇو چٺو پڌرو ٿي وڃي. ڊاڪٽر طاهر القادري چيو ته هو اپريل کان هن وقت تائين  ڪئنيڊا واپس نه ويو آهي، پاڪستان سندس گهر ۽ وطن آهي. هن چيو ته حڪومت جي سڪيورٽي تي کيس ڀروسو ناهي، ماڊل ٽائون جي شهيدن جو خون ضايع نه ٿيندو. سندس چوڻ هو ته ڪارڪنن جي خون جو قصاص هو وٺي دم پٽيندا، چور پڪڙيو ويو پر قاتل اڃا باقي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *