سپريم ڪورٽ گئس ڪمپنين کي چوري ۽ ليڪيج روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان گئس ڪمپني کي چوري ۽ ليڪيج روڪڻ لاءِ حڪمت عملي بنائڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو جڏهن ته جسٽس دوست محمد چيو ته گئس جي ليڪيج ۽ چوري قومي خزاني ۽ انساني جانين لاءِ نقصانڪار آهي شهري کي 40 لک رپيا بل موڪلڻ بابت ڪيس ۾ پشاور هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي خلاف ايس اين جي پي ايل جي درخواست تي ٻڌڻي جسٽس دوستمحمد جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بئنچ ڪندي جسٽس دوست محمد ريمارڪس ڏنا ته گئس ڪمپني هڪ شهري کي 40 لک رپين جو بل اماڻيو جيتوڻيڪ ان شهري جي ماهوار آمدني صرف 16 هزار رپيا هئي ججز ڪالوني ۾ گئس پائيپ لائينس ان ليڪيج جي شڪايت جي باوجود ڪوئي چيڪ ڪرڻ نه آيو گئس ڪمپنين جو ليڪيج چيڪ ڪرڻ جو ڪوئي مڪينيزم نه آهي عدالت قرار ڏنو ته گئس جي ليڪيج ۽ چوري قومي خزاني ۽ انساني جانين لاءِ نقصانڪار آهي گئس ڪمپنيون ماهوار بنيادن تي پائيپ لائينز سان ليڪيج چيڪ ڪن سپريم ڪورٽ گئس ڪمپني کي چوري ۽ ليڪيج روڪڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ جو حڪم ڏيندي 40 لک رپيا بل بابت سوئي نادرن گئس ڪمپني جي اپيل اڪلائي ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *