سپريم ڪورٽ ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون

اسلام آباد (بيورو) سـپريم ڪورٽ ڪالاباغ ڊيم بابت سموريون درخواستون رد ڪندي چيو آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ عدالت نه پر حڪومت جو ڪم آهي. چيف جسٽس ناصر المــُلڪ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني بينچ،ڪالاباغ ڊيم بابت اَي ڪي ڊوگر جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي. ان موقعي تي اَي ڪي ڊوگر چيو ته ڪالاباغ ڊيم بابت ريفرينڊم ڪرايو وڃي ۽ سي سي آءِ جو اجلاس گهــُرايو وڃي. اي ڪي ڊوگر چيو ته ملڪ ۾ 10 سالن کانپوءِ پاڻي جو سخت بحران پيدا ٿيندو. چيف جسٽس چيو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهــُرائڻ عدالت نه پر حڪومت جو آهي. بعد ۾ عدالت سموريون درخواستون رد ڪندي چيو ته درخواستون اثرائتيون ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *