سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم حسين کي اسپتال ۾ داخل ڪرائڻ جي درخواست اڪلائي ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ ڊاڪٽر عاصم حسين کي اسپتال ۾ داخل ڪرڻ جي درخواست اڪلائي ڇڏي آهي سپريم ڪورٽ سنڌ رجسٽري ۾ ڊاڪٽر عاصم هسين جي زال پاران داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي ويئي جنهن ۾ ڊاڪٽر عاصم جي زال عدالت کي درخواست ڪئي هئي ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي طبيعت ٺيڪ نه آهي تنهنڪري کيس دل جي بيمارين جي اسپتال ۾ داخل ڪيو وڃي ميڊيڪل بورڊ عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڊاڪٽر عاصم حسين جي طبيعت بلڪل ٺيڪآهي ۽ کيس اسپتال داخل ڪرڻ جي ضرورت نه آهي عدالت ميڊيڪل رپورٽ پڙهندي ڊاڪٽر عاصم حسين کي اسپتال داخل ڪرڻ جي درخواست اڪلائي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ عدالت ڊاڪٽر عاصم کي ٻيهر رينجرز جي تحويل ۾ ڏيئي ڇڏيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *