سپريم ڪورٽ ڊاڪٽرن جي ترقين تائين نين ڀرتين تي پابندي هڻي ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ سرڪاري اسپتالن ۾ فورت ائيرز فارمولي تحت ڊاڪرن جي ترقين تائين نيون ڀرتيون نه ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن جي ترقين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران عدالت سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي برقرار رکندي حڪم ڏنو ته فورٿ ائيرز فارمولي تحت ڊاڪٽرن کي ٻن مهينن ۾ ترقيون ڏنيون وڃن، جيسيتائين ڊاڪٽرن کي ترقيون نه ڏنيون وڃن تيسيتائين کاتو نيون ڀرتيون نه ڪري. ٻڌڻي صحت وارو سيڪريٽري فضل الله پيچوهو عدالت جي سامهون پاڻ ئي ڦاٽي پيو، هن چيو ته پرچي تي جنهن ڪلرڪ کي ڀرتي ڪيو ويو اهو اڄ منهنجو ڊپٽي سيڪريٽري آهي، پرچي تي ايندڙ ڊپٽي سيڪريٽري نه ڪم ڄاڻي ٿو ته نه ئي ايترو قابل آهي ان کان ڪم وٺي سگهجي، 17 گريڊ  جي ڊاڪٽرن جون ڪل جايون 6 هزار 786 آهن جڏهن ته ڪم ڪندڙ 3 هزار 75 آهن، 3 هزار 693 ڊاڪٽرن جون جايون خالي آهن، 17 گريڊ جا نوجوان ڊاڪٽر ئي مسقتل موڪلن تي آهن، اهي ڊاڪٽر موڪلون وٺي پرڏيهه ۾ زندگي انجواءِ ڪري رهيا آهن انهن کي ترقي ڪيئن ڏيون. سپريم ڪورٽ فضل پيچوهي جي تبديلي نه ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اهو قرار ڏنو ته هڪ سال ۾ صحت واري کاتي جا 3 سيڪريٽري تبديل ٿيا جيڪو عدالتي حڪم تي عملدرامد ۾ دير جو سبب آهي. عدالت فنانس سيڪريٽريز سميت ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *