سپريم ڪورٽ پاران چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ وڌيڪ مهلت ڏيڻ کان انڪار , حڪومت کي هڪ ڪلاڪ به وڌيڪ نه ڏنو ويندو: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ وڌيڪ مهلت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جسٽس گلزار چيو آهي ته حڪومت کي هڪ ڪلاڪ به وڌيڪ نه ڏنو ويندو، اپوزيشن ليڊر ايندو ته وري وزيراعظم پرڏيهه هليو ويندو، وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر کي نوٽيس جاري ڪيو ويندو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، اٽارني جنرل ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. اپوزيشن ليڊر ملڪ کان ٻاهر آهي، هڪ پارٽي اعتراض ڪيو اي جي اپوزيشن ليڊر ايندو ته وزيراعظم هليو ويندو، ڪوششن جو رڪارڊ پيش ڪيو وڃي، سپريم ڪورٽ طرفان چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ڏنل ٻي ڊيڊ لائين به اڄ ختم ٿي ويندي، چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر نه ٿيو، حڪومت طرفان عدالت کان وڌيڪ مهلت گھرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. سپريم ڪورٽ جي حڪومت کي چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ ڏنل ڊيڊ لائين هڪ دفعو ٻيهر ختم ٿي وئي آهي پر حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ناهي ڪري سگهي. واضع رهي ته حڪومت ۽ مخالف ڌر چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ جسٽس ر راڻا ڀڳوان داس ۽ جسٽس تصدق حسين جيلاني جي نالن تي اتفاق ڪيو هيو پر انهن ٻنهي شخصيتن عهدو قبول ڪرڻ کان معذرت ڪري ڇڏي هئي. حڪومت ۽ مخالف ڌر جا سربراهه چيف اليڪشن ڪمشنر جي لاءِ نئين نالي تي غور ڪري رهيا آهن پر اڃان تائين اهو سامهون ناهي آندو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته حڪومت چيف اليڪشن ڪمشنر جي مقرري لاءِ سپريم ڪورٽ کي اڄ وڌيڪ مهلت ڏيڻ لاءِ درخواست ڪندي ۽ موقف اختيار ڪندي ته اپوزيشن ليڊر جي ٻاهرين ملڪ هجڻ سبب مشاورت ناهي ٿي سگهي ان ڪري ڪجهه ڏينهن وڌيڪ مهلت ڏني وڃي. چيف جسٽس ناصرالملڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بئنچ چيف اليڪشن ڪمشنر مقرري ڪيس جي ٻڌڻي به ٿوري دير ۾ ڪري رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *