سپريم ڪورٽ وزيراعظم خلاف توهين عدالت واري ڪيس ۾ اٽارني جنرل کان جواب طلب ڪري ورتو

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، وزيراعظم نواز شريف خلاف توهين عدالت واري ڪيس ۾ اٽارني جنرل کان جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس ميان ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽه رڪني بينچ، وزيراعظم نواز شريف خلاف توهين عدالت واري درخواست جـِي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواست گذار موقف اختيار ڪيو ته وزيراعظم نواز شريف شجاعت عظيم کي هوائي بازي بابت صلاحڪار مقرر ڪيو پر شجاعت عظيم ڪينيڊين شهري آهي ۽ ان جو ڪورٽ مارشل به ٿي چڪو آهي. درخواست گذار چيو ته عدالت ۾ معاملو اچڻ تي شجاعت عظيم استعيفيٰ جو اعلان ڪيو پر اڄ تائين استعيفيٰ ناهي ڏني، ان ڪري وزيراعظم خلاف توهين عدالت جو ڪيس هلايو وڃي. جسٽس ثاقب نثار درخواست گذار جو موقف ٻـُڌڻ بعد رمارڪس ڏنا ته عدالت قانون کي نظر ۾ رکي فيصلو ڏيندي. عدالت، اٽارني جنرل کان وزيراعظم جي صلاحڪار شجاعت عظيم جي استعيفيٰ بابت وضاحت طلب ڪيس جي ٻڌڻي آڪٽوبر جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *