سپريم ڪورٽ نيب جي گرفتاريءَ واري پاليسي تي بي اعتمادي ظاهر ڪري ڇڏي

اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ قومي احستاب بيورو تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ نيب جي پاليسي ڪنهن کي سمجھه نه پئي اچي جڏهن ته عدالت مرڪزي جوابدار مطيع الرحمان جي ضمانت رد ڪرڻ جي درخواست خارج ڪري ڇڏي. سومر تي ٻڌڻي دروان سپريم ڪورٽ نيب جي پاليسي تي ڇوهه ڇنڊيا، جسٽس عظمت سعيد پنهنجي رمارڪس ۾ چيو ته نيب ڪنهن جوابدار ڪلهي تي هٿ رکي گھمي ٿو ۽ ڪنهن کي وري گرفتار ڪري وٺي ٿو، نيب جي گرفتاري جي پاليسي   پاڪستان ۾ ڪنهن کي سمجھه  ۾  نه پئي اچي. اهڙا ڪيترائي رفرنس ۾ هلي رهيا آهن جن ۾ جوابدار  گرفتار ناهن ٿيندا، جسٽس عظمت سعيد شيخ چيو ته نيب جي جنهن مهل  پنهنجي دل چاهي ته ڪنهن کي به  گرفتار ڪري وٺي ٿي ۽ جڏهن پنهنجي مرضي نه هجي ته جوابدارن  کي گرفتار ئي نه پئي ڪري ڪو به نه ٿو ڄاڻي ته ڪهڙي ڪيس ۾ ماڻهون اندر ٿيئ ٿو ۽ ڪهڙي ۾ اندر نه  ٿو ٿئي، جڏهن ته هاڻي نيب جو نئون چيرمين آيو ان لاءِ مان وڌيڪ ان معاملي تي نه ڳالهائيندس، نيب پراسيڪيوٽر چيو ته جوابدار عوام سان 386 ملين جو فراڊ ڪيو آهي ۽ انهن جي خلاف 36 گواهه به بيان رڪارڊ ڪرائي چڪا آهن، جسٽس عظمت  سعيد چيو ته ٻن سالن کان جوابدار گرفتار اهي وڌيڪ ڪيترو عرصو ان کي جيل ۾ رکڻون آهي ڪيس ۾ ايتري ته سزا  ناهي هوندي جيترو عرصو جوابدار کي جيل ۾ رکيو وڃي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *