سپريم ڪورٽ مان وزيراعظم جي نااهلي جو فيصلو نه ايندو: اعتزاز احسن

لاهور(م.ڊ) پيپلز پارٽي جي اڳواڻ اعتزاز احسن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ مان وزيراعظم جي نااهلي جو فيصلو نه ايندو 4 ڊسمبر تي خبر پئجي ويندي ته 16 ڊسمبر تي ڇا ٿيندو افسوس آهي عمران خان شيخ رشيد جي هٿن ۾ کيڏي رهيو آهي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته عمران خنا جو پلان اي ۽ بي ناڪام ٿي چڪو عمران خان سان گڏ بيٺل ماڻهن به سول نافرماني نه ڪئي 4 ڊسمبر کانپوءِ خبر پئجي ويندي ته 16 ڊسمبر تي ملڪ بند ٿيندو يا نه هن چيو ته عمران خان پنهنجي لاءِ مشڪل هدف چونڊي ٿو مستقبل ۾ عمران، زرداري الائنس جي خبر ناهي عمران خان جي ڪرپشن بابت الزامن ۾ ڪنهن حد  تائين سچائي آهي اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته عمران خان جي جلسن ۾ شريڪ ماڻهن جي تعداد سان ڪم ٿيندي نظر نٿو اچي،  ٽاڪ شوز ۾ وزيرن جو لهجو سخت ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي حڪومت کي لهجو نرم ڪرڻ گهرجي هڪ سوال جي جواب ۾ اعتزاز احسن چيو ته سپريم ڪورٽ مان وزيراعظم جي ناهالي جو فيصلو نه ايندو اها پيپلزپارٽي ئي هئي جنهن خلاف فيصلو آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *