سپريم ڪورٽ مارشل لا کي جائز قرار ڏيڻ خلاف ظفر علي شاهه جي نظرثاني درخواست رد ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ 1999 واري مارشل لا کي جائز قرار ڏيڻ خلاف نواز ليگ جي ظفر علي شاهه جي نظرثاني درخواست دير سان داخل ٿيڻ تي رد ڪري ڇڏي آهي، جسٽس اعجاز افضل ريمارڪس ڏنا آهن ته جيڪڏهن هن درخواست تي ٻڌڻي ڪئي ته نصرت ڀٽو ڪيس به هلائڻو پوندو. جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ ظفر علي شاهه ڪيس ۾ نظرثاني درخواست رد ڪئي. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته هيءَ درخواست 4 هزار 3 سئو 34 ڏينهن دير سان داخل ڪئي وئي آهي، ان ڪري قانون موجب، نظرثاني درخواست جو مدو ختم ٿي چڪو آهي. جسٽس اعجاز افضل، ظفر علي شاهه ڏانهن مخطاب ٿيندي ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن هن درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي ته نصرت ڀٽو ڪيس به هلائڻو پوندو. ظفر علي شاهه چيو ته عدالت، 40 سالن کانپوءِ ڀٽو  ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، سندس نظرثاني درخواست تي به ٻڌڻي ڪئي وڃي. جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته ڀٽو ڪيس ۾ ڪا به درخواست نه آئي هئي، ان حوالي سان صدارتي ريفرنس داخل ڪيو ويو هو. واضح رهي ته ن ليگ اڳواڻ ظفر علي شاهه، 1999 جي مارشل جائز قرار ڏيڻ بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *