سپريم ڪورٽ سياسي گند ڌوئڻ جي لانڊري ناهي: جسٽس ثاقب نثار

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ انتخابي سڌارو عملدرآمد ڪيس ۾ وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن کان جواب گهري ورتو، جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته سپريم ڪورٽ سياسي گند ڌوئڻ جي لانڊري ناهي، عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ناهي ٿيو ته ڇا عام چونڊون 3 1 0 2 ع پابندي مڙهيل قرار ڏئي ڇڏيون يا عدم پيروي ڪندڙن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪريون. سپريم ڪورٽ جي جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ انتخابي سڌارو عملدرآمد ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. درخواست گذار بلال منٽو موقف اختيار ڪيو ته انتخابي سڌارو ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ناهي ٿيو. جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏنا ته ان تي ڪو اعتراض ناهي ته عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن عدالتي فيصلي تي عملدرآمد ناهي ٿيو ته ڇا عام چونڊون 3 1 0 2 ع پابندي مڙهيل قرار ڏئي ڇڏيون يا وري عدالتي حڪم جي عدم پيروي ڪندڙن کي توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪريون. هن چيو ته هن ملڪ جو بنياد جمهوريت ۽ جمهوريت جو بنياد شفاف چونڊن تي آهي، اهي بنياد نه هوندا ته نه ملڪي سلامتي هوندي نه ئي جمهوريت ۽ نه ادارا هوندا. جسٽس ثاقب نثار چيو ته سپريم ڪورٽ سياسي گند ڌوئڻ جي لانڊري نه آهي، ووٽ جي لازمي شرط لاءِ قانون سازي ضروري هوندي آهي. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل منير پراچا چيو ته عدالت کي انتخابي سڌاري واري ڪيس ۾ قانون سازي جون تجويزون ڏيڻ جو اختيار نه آهي. ان تي جسٽس ثاقب نثار چيو ته جڏهن جمهوريت ملڪي سلامتي لاءِ ضروري آهي ته قانون سازي جي تجويز ڏيڻ ضروري نه آهي جيڪڏهن فيصلو پسند ناهي ته اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌائي ڇڏي، عدالت تحريڪ انصاف ۽ ورڪر پارٽي جي درخواست تي وفاق ۽ اليڪشن ڪميشن کان جواب گهرندي ڪيس جي ٻڌڻي جنوري جي ٻئي هفتي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *