سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي نئون هيلي ڪاپٽر خريد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ سنڌ حڪومت کي هڪ ارب 60 ڪروڙ رپين جي ماليت جو نئون هيلي ڪاپٽر خريد ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ محمود اختر نقوي جي طرفان هڪ درخواست داخل ڪئي وئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سنڌ حڪومت طرفان هڪ ارب 60 ڪروڙ جو نئون هيلي ڪاپٽر امدادي سرگرمين جي لاءِ ورتو پيو وڃي، جڏهن ته 2 هيلي ڪاپٽر پهرين کان موجود آهن. درخواست ۾ چيو ويو ته 2 هيلي ڪاپٽر جي موجودگي ۾ وڌيڪ هڪ هيلي ڪاپٽر وٺڻ جي ضرورت ناهي، درخواستگذار جو چوڻ هو ته ٿر ۾ معصوم ٻار غزائي قلت سبب مري رهيا آهن ۽ سنڌ حڪومت هيلي ڪاپٽر خريد ڪري رهي آهي، جنهن تي عدالت هيلي ڪاپٽر وٺڻ متعلق حڪم جاري ڪندي معاهدي جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *