سپريم ڪورٽ حڪومت کان پابندي مڙهيل تنظيمن جي لسٽ طلب ڪري ورتي

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ، حڪومت کان پابندي مڙهيل تنظيمن جي لسٽ طلب ڪري ورتي، جسٽس جواد ايس خواجه رمارڪس ڏنا آهن ته ايڪيهين آئيني ترميم جو معاملو شايد عدالت ۾ اچي وڃي. سپريم ڪورٽ ۾ قانون جي ڪتابن ۾ غلطين بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران جسٽس جواد ايس خواجا رمارڪس ڏيندي چيو ته حڪومت سنجيدگي ڏيکاري ته دهشتگرديءَ جو خاتمو اچي سگهي ٿو. جسٽس جواد ايس خواجه رمارڪس ڏنا ته ممڪن آهي ته ڪا پابندي مڙهيل تنظيم ٿر جي نالي تي چندو وٺندي هجي،دهشتگردن جي خاتمي لاءِ حڪومت کي سنجيده ٿيڻو پوندو. جسٽس جواد ايس خواجه پنهنجي رمارڪس ۾ وڌيڪ چيو ته عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي دهشتگردي خلاف سنجيده ٿيڻ لاءِ ڊيڊ لائين ڏئي رهي آهي. انکانپوءِ عدالت، وفاقي حڪومت کان پابندي مڙهيل تنظيمن جي لسٽ طلب ڪندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *