سپريم ڪورٽ جي ڊيڊ لائين ويجهو، نيب شريف خاندان خلاف شاهديون هٿ نه ڪري سگهي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سپريم ڪورٽ طرفان اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف داخل ريفرنسز جي ٻڌڻي مڪمل ڪرڻ لاءِ احتساب عدالت کي ڏنل 6 مهينن جو وقت ايندڙ مهيني ختم ٿي رهيو آهي پر اڃا تائين نيب پرڏيهه ۾ جوابدارن خلاف شاهديون هٿ نه ڪيون ويون آهن. سپريم ڪورٽ جي هدايت تي نيب طرفان شريف خاندان خلاف ايون فيلڊ اپارٽمينٽس، العزيزيه ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ جا 3 ريفرنسز اسلام آباد جي احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.  سپريم ڪورٽ احتساب عدالت جي جج کي هدايت ڪئي هئي ته ريفرنسز جي ٻڌڻي 6 مهينن ۾ مڪمل ڪئي وڃي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس اعجاز الحسن کي ٻڌڻي جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو هو.  نيب طرفان اعتراف ڪيو ويو آهي ته اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ سندس خاندان خلاف پرڏيهه ۾ رڪارڊ حاصل ڪرڻ جو اڃا انتظار ڪيو پيو وڃي. نواز شريف، مريم نواز ۽ ڪيپٽن صفدر خلاف هلندڙ ٽرائل پنهنجي آخري مرحلي ۾ آهي جڏهن ته نيب طرفان العزيزيه ۽ فليگ شپ انويسٽمينٽ ڪيسز ۾ ضمني ريفرنسز به داخل ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *