سپريم ڪورٽ جي فيصلي سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون متاثر ٿينديون: سعيد غني

ڪراچي (م.ڊ/اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جو امدادي اگهه 2200 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو ۽ سنڌ ڪابينا 1.4 ايم ايم ٽي ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، ڪراچي ۾ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، خصوصي معاونن، پرنسپل سيڪريٽريز، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ سنڌ ڪابينا ڪڻڪ جي خريداريءَ لاءِ 4450 ملين رپين جي فنڊن جي به منظوري ڏئي ڇڏي، ان سلسلي ۾ سنڌ جي وڏي وزير خوراڪ کاتي کي پهرين مارچ کان اتر سنڌ مان ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير چيو آهي ته فيبروري جي آخري هفتي تائين سينٽر کوليا ويندا، مان هن سال 1.4 ايم ايم ايم ميٽرڪ ڪڻڪ جي خريداري جو هدف پورو ڪرڻ چاهيان ٿو، وڏي وزير جي ترجمان موجب اجلاس ۾ مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر شاهه ڪابينا کي لوڪل گورنمينٽ قانون بابت مخالف ڌر سان ڳالهين بابت بريفنگ ڏني، ناصر شاهه ڪابينا کي جماعت اسلامي، پاڪ سرزمين پارٽي ۽ ٻين پارٽين سان ڳالهين بابت بريفنگ ڏيندي چيو ته جيڪي چيو ويو آهي ان تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، ڪميٽي ۾ مڪاني ادارن وارو وزير، وزير محنت، پارلياماني معاملن وارو وزير، آبپاشي وارو وزير ۽ قانوني صلاحڪار شامل آهن، ان موقعي تي سيد مراد علي شاهه چيو ته سيد ناصر شاهه جي ڳالهين تي عمل ڪيو ويندو، ڪميٽي قانون جو جائزو وٺي سنڌ جي وڏي وزير کي سمري موڪليندي، ڪميٽي جوڙي ويندي ۽ ان جا ٽي او آرز به نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويندا ۽ ناصر حسين شاهه پاران مخالف ڌر سان اتفاق راءِ واري نقطن تي 100 سيڪڙو عملدرآمد جو فيصلو ڪيو ويندو، *جيل کاتي ڪابينا کي ٻڌايو ته جيل کاتي ۾ گريڊ 5 کان گريڊ 15 تائين 2113 جايون خالي آهن، جيل ڪانسٽيبلن جون 1355 جايون خالي آهن، جنهن تي ڪابينا ڀرتي لاءِ ٽئين پارٽي جي اوپن بڊنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي ، ترجمان موجب سنڌ ڪابينا ڪوآپريٽو مارڪيٽ ۽ وڪٽوريا مارڪيٽ جي متاثرن کي معاوضو ڏيڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي،  14 نومبر 2021 تي هنن مارڪيٽن ۾ باهه لڳي هئي،  باهه لڳڻ سبب 280 دڪان سڙي رک ٿي ويا هئا، سنڌ ڪابينا 915.23 ملين رپين جا فنڊ مختص ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ جي اطلاعات واري وزير سعيد غني چيو آهي ته مڪاني قانون بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي جون جيڪي شقون ڪليئر آهن، انهن تي تڪڙي عمل ڪنداسين ۽ جيڪي ڪليئر ناهن، انهن جي وضاحت طلب ڪئي ويندي. سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي سان معاهدي جي روشني ۾ ترميمون ٿيڻيون آهن، معاهدي ۾ ڪيترائي معاملا طئي ٿيا، مڪاني قانون ۾ تبديلي لاءِ ڪميٽي ٺاهي آهي، هاڻ ڪميٽي ڏسندي ته ڪٿي ڪٿي تبديلي ڪرڻي آهي پر نين مڪاني چونڊن تائين ڊسٽرڪٽ ڪائونسلز ڪم ڪنديون رهنديون. هن چيو ته مڪاني قانون بابت سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو آهي، ان تي تفصيلي ڳالهه ٿي، عدالتي فيصلي تي ڪميٽي به ٺاهي آهي، ڏسنداسين ته فيصلي جا ڪهڙا ڪهڙا حصا آهن، جن تي عمل ڪرڻو آهي، سپريم ڪورٽ رڳو 2013 جي قانون ۾ ٻه سيڪشن کي ڪالعدم قرار ڏنو ۽ اهو وڏو مسئلو ناهي، جج قانون کي اسان کان بهتر سمجهن ٿا پر سپريم ڪورٽ کي ڪجهه معاملن تي نظرثاني جي درخواست ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته عدالت جو فيصلو سڀني صوبن لاءِ آهي، ان سان وفاقي ۽ صوبائي ٻئي حڪومتون متاثر ٿينديون، قومي، صوبائي ۽ بلديات جون تڪ بنديون سدائين حڪومتون ڪنديون رهيون آهن، پ پ سدائين مخالفن جي ٺاهيل تڪن تي چونڊ وڙهي ۽ کٽي، جڏهن ته اسان جي دور ۾ تڪ بنديون اليڪشن ڪميشن ڪندي آهي. سعيد غني وڌيڪ چيو ته ڀُٽي صاحب کي قتل جي ڪوڙي ڪيس ۾ قتل ڪرايو ويو، جسٽس گلزار صاحب رٽائرمينٽ وقت اهو فيصلو ڏئي ويو پر ڀُٽي صاحب جي قتل بابت اسان جي پٽيشن به ڪورٽ ۾ آهي، اسان جي پٽيشن تي ٻڌڻي ئي ناهي ٿيندي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *