سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سپريم ڪورٽ شاگرد يونين کي مستقل ڪرڻ لاءِ قانون سازي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جنهن تي اسان ڪم شروع ڪري ڏنو آهي ۽ جلد ان بابت اڳڀرائي ٿيندي. هن اها ڳالهه اڄ ايڪسپو سينٽر ۾ رٿيل 15هين عالمي ڪتابيميلي جي افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته اسيمبلي سيشن هلي رهيو آهي ۽ قانون سازي پڻ ٿي رهي آهي ۽ سڀني کي ڳالهائڻ جو موقعو پڻ ملي پيو. هن چيو ته سنڌ جي پهرين اسيمبلي هئي جنهن پاڪستان جي قرارداد منظور ڪئي ۽ سنڌ ۾ رهندڙ ئي پاڪستان کي اڳيان وڌائيندا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته تعليم کاتي جو قلمدان وٽس آهي، استادن جون بدليون سيشن سان ٿينديون. هن چيو ته مون سيڪريٽري تعليم کي استادن جي مقرري تي پابندي لاءِ چيو آهي. هن چيو ته استادن جون ڪيترائي سيٽون خالي پيون آهن جنهن کي ميرٽ تي ڀرتي ڪرڻ لاءِ ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته تعليم جي نظام کي سڌارڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هڪ ٻئي سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ ۾ ٽڊي دل جنهن به فصلن تي حملو ڪيو آهي ان جي سدباب لاءِ قدم کنيا آهن ۽ جون-جولائي ۾ علائقن جو دورو ڪيو هو. متاثر ٿيندڙ علائقن ۾ فصلن کي بچائڻ لاءِ فضائي ڦوهارو ڪرائڻ وفاقي حڪومت جو ڪم آهي پر کيس پلانٽ پروٽيڪشن کاتي جا هيلي ڪاپٽرز خراب آهن جنهن جي مرمت ۽ فيول ۽ زرعي دوائن لاءِ سنڌ حڪومت 10 ملين رپيا ڏنا آهن ته جيئن جلد فصلن تي فضائي ڦوهارو  ڪري هارين کي وڌيڪ نقصان کان بچائي سگهجي. وڏي وزير دعا منگي جي اغوا بابت ڳالهائيندي چيو ته دعا منگي جي اغوا جو هر پهلو کان جائزو وٺون پيا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا کيس بازيابي لاءِ هر زاوئي کان جانچ ڪري رهيا آهن. ان کان پهرين وڏي وزير 15هين ڪتابي ميلي واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مونکي خواجا اظهار ڪتابي ميلي ۾ بطور مهمان خاص شرڪت لاءِ پيغام اماڻيو هو. اظهار صاحب گهٽ فرمائشون ڪنديو آهي ان ڪري آئون ان جي ڳالهه کي نٽائي نٿو سگهي. گذريل ڪتب ميلي ۾ خورشيد شاهه پاڻ سان گڏ قمرالزمان قائره کي آندو هو. قائره صاحب چيو ته اهڙو ڪتابي ميلي هن ڪڏهن به نه ڏٺو. اڄ جي ڪتابي ميلي ۾ نوجوان گهٽ ڏسڻ ۾ اچن پيا ۽ بزرگ وڌيڪ آهن. اڄ به ڪتاب جي هارڊ ڪاپي جي مطالعي ڪرڻ جو مزو ٻيو آهي. ڪتابن جي ڪليڪشن جو پڻ هڪ مزو آهي. آئون اهڙن ڪيترن ئي ماڻهن کي سڃاڻا ٿو جيڪي پنهنجين لائبريرين کي ٻارڙن جيان حفاظت ڪن ٿا. آئون جڏهن شاگرد هوس ته اسان کي لائبريري مان 2 ڪتاب ملندا هئا جڏهن ٻيا وٺڻ ويندا هئا ته ڪتاب واپس گهري ڊگري ڏيندا هئا. آئون جڏهن آمريڪا پڙهڻ ويس اتي لائبريرين کان پڇيو ته ڪيترا ڪتاب کڻي وڃي سگهان ٿو؟ لائبريرين چيو ته جيترو کڻي سگهو ٿا. مون 50 کان 60 ڪتاب کنيا ۽ جڏهن انهن کي پڙهي ورتو ته ڪتاب ورائي ڏنا پر انهن ڪتاب گهريا ڪونه. مون پرڏيهه ۾ لائبريري اندر نوڪري پڻ ڪئي هئي ۽ اتي پاڪستان بابت اهي ڪتاب ڏٺا جيڪي پاڪستان ۾ دستياب نه هئا. مون آدمشماري بابت ڪتاب ڏٺا جنهن جي فوٽوڪاپي ڪرائي کڻي آيو هوس. مون کي ڪتابن جو شوق هميشه کان رهيو آهي. آئون ڪتاب گڏ ڪرڻ ۽ کين مطالعو ڪندڙن سان هر ممڪن سهڪار ۽ مدد ڪندس. آئون پاڪستان پبلشر ۽ بُڪ سيلرز ايسوسي ايشن فائونڊيشن کي ڪامياب عالمي ڪتابي ميلي ڪوٺائڻ تي واڌايون ڏيان ٿو. وڏي وزير چيو ته ڪجهه وقت اڳ ڀان سعيد آباد جو نوجوان مون وٽ آيو ۽ لائبريري جي قيام لاءِ درخواست ڪئي جيڪا قائم ٿي وئي، هاڻي اهو نوجوان ڪتابن پويان ڀڄ ڊڪ ڪرڻ ۾ نظر ايندو آهي. آئون لائيبريرين جي ترقي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندس. وڏي وزير مراد علي شاهه اڄ 15هين عالمي ڪتابي ميلي جو ايڪسپو سينٽر ۾ افتتاح ڪيو. وڏو وزير مراد علي شاهه سان گڏ قانون بابت صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب ايڪسپو سينٽر پهتا ته کين پاڪستان پبلشر اينڊ بُڪ سيلرز ايسوسي ايشن جي چيئرمين عزيز خالد، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين آجيان ڪئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *