سپريم ڪورٽ جيڪو به فيصلو ڪندي، اسان ان سان گڏ آهيون: اپوزيشن

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ خورشيد شاهه جي صدارت هيٺ اپوزيشن پارٽين جو گڏيل اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جيڪو به پاناما جو فيصلو ڪندي اسان ان سان گڏ آهيون، اسلام آباد ۾ ٿيل اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته نواز شريف قومي اسيمبلي ۽ قوم سان خطاب ۾ چيو ته الزام ثابت ٿيو ته هو استعيفيٰ ڏئي ڇڏيندو ۽ جڏهن سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو ته وفاقي وزيرن پاران مٺايون ورهايون ويون ۽ پوءِ وري عدالت جي حڪم تي ٺهندڙ جي آءِ ٽي جڏهن پنهنجو ڪم شروع ڪيو ته ان تي وفاقي وزيرن سوال اٿارڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ جي آءِ ٽي مٿان حملا ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا ۽ جي آءِ ٽي کي تڪراري بڻائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي، خورشيد شاهه جو چوڻ هو ته جي آءِ ٽي جهڙي طرح تفصيلي جاچ ڪئي اها سڀني جي سامهون آهي، جي آءِ ٽي ثبوتن سان گڏ سموريون شيون پيش ڪيون آهن، حڪومت سميت ڀارت به پريشان واري عالم ۾ آهي، پر اسان کي اميد آهي ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ٽي جي رپورٽ جي روشني ۾ فيصلو ڏيندي، هن چيو ته سموريون اپوزيشن پارٽيون ان ڳالهه تي متفق آهن ته جمهوري نظام هلندو رهي، اسيمبلي نه ٽٽڻ گهرجي ۽ اسان جي خواهش آهي ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪرن، پر قوم نواز شريف کان استعيفيٰ گهري رهي آهي، ڇو جو جي آءِ ٽي جي رپورٽ ۾ سامهون آيو آهي ته ڪرپش ٿي آهي ۽ وزير اعظم واعده خلافي ڪئي آهي، وزير اعظم پنهنجو ڪيل واعدو پورو ڪري ۽ استعيفيٰ ڏئي، ان موقعي تي تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته سموري اپوزيشن متفق آهي اسان آئين ۽ جمهوريت جي سان گڏ آهيون ۽ آئينده به جمهوريت جو ساٿ ڏينداسين، پر جنهن طرح جا حالات هلي رهيا آهن انهن حالاتن ۾ نواز شريف کي فورن استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته تحريڪ انصاف جو موقف واضع آهي ته نواز شريف هاڻي گهر وڃڻ گهرجي، ايم ڪيو ايم اڳواڻ فاروق ستار چيو ته وزير اعظم جهڙي اهم عهدي تي ويٺل ماڻهو کي اخلاقيات جي به اعليٰ عهدي تي به هجڻ ضروري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *